اسلام آباد-27 آگسٽ(اي پي پي) موسميات کاتي 29 آگسٽ کان 2 سيپٽمبر دوران ملڪ جي مٿانهين ۽ وچولي علائقن ۾ وقفي وقفي سان تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي مطابق 29 آگسٽ کان عربي سمنڊ ۽ نار بنگال مان سانوڻي جون هوائون ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ داخل ٿينديون. 30 آگسٽ کان اولهه وارين هوائن جو سلسلو به ملڪ جي مٿانهين ۽ وچولي علائقن ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي جنهن جي اثر هيٺ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ 29 آگسٽ کان 2 سيپٽمبر دوران ڪشمير (نيلم وادي، مظفر آباد، راولاڪوٽ، پونچ، هٽيان، باغ، حويلي، سڌنوتي، ڪوٽلي، ڀمبر ۽ ميرپور) ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان وقفي وقفي سان اڪثر هنڌن تي برسات جڏهن ته ڪٿي ڪٿي تيز برسات جو امڪان آهي. 30 آگسٽ کان پهرين سيپٽمبر دوران گلگت بلتستان(ديامير، استور، غذر، اسڪردو، هنزه، گلگت، گهانچي، شغر) ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ۽ ڪجهه هنڌن تي تيز برسات جو امڪان آهي. خيبر پختونخوا ۾ 29 آگسٽ کان پهرين سيپٽمبر دوران دير، چترال، سوات، ڪوهستان، شانگلا، بٽگرام، مانسهره، ايبٽ آباد، هري پور، بونير، مالاڪنڊ، باجوڙ، مهمند، ڪوهاٽ، پشاور، چارسده، نوشهره، مردان، صوابي، خيبر، اورڪزئي ڪرم، هنگو، ڪرڪ، بنون، لڪي مروت، وزيرستان، ٽانڪ ۽ ڊيره اسماعيل خان گجگوڙ سان وقفي وقفي سان برسات جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي تيز برسات جو امڪان آهي. پنجاب، اسلام آباد ۾ 29 آگسٽ کان 2 سيپٽمبر دوران اسلام آباد، راولپنڊي، مري، گليات، اٽڪ، چڪوال، جهلم، گجرات، گوجرانوالا، حافظ آباد، وزير آباد، لاهور، قصور، شيخوپوره، سيالڪوٽ، نارووال، ميانوالي، خوشاب، سرگوڌا، جهنگ، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، ننڪانه صاحب، چنيوٽ، فيصل آباد ۽ ساهيوال ۾ گجگوڙ وقفي وقفي سان برسات جڏهن ته ڪٿي ڪٿي تيز برسات جو به امڪان آهي. 29 آگسٽ(رات کان 2 سيپٽمبر دوران ڊي جي خان، ڀڪر، ليهه، ملتان، بهاولپور، بهاولنگر، راجن پور ۽ رحيم يار خان ۾ به گجگوڙ سان برسات ۽ ڪجهه هنڌن تي تيز برسات جو امڪان آهي. سنڌ ۾ 30 کان 31 آگسٽ دوران مٺي، ٿرپارڪر، سکر لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، دادو ۽ عمرڪوٽ ۾ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. بلوچستان ۾ 30 آگسٽ کان 2 سيٽپمبر دوران بارکان، موسيٰ خيل، لورالائي، سبي، زوب، قلات ۽ خضدار گجگوڙ سان برسات ۽ ڪجهه هنڌن تي تيز برسات جو امڪان آهي. امڪاني اثرن ۽ احتياطي تدبيرن تحت 29 آگسٽ جي رات کان پهرين سيپٽمبر دوارن شديد برسات سبب ڪشمير، مري، گليات، اسلام آباد، راولپنڊي، اتر اوڀر پنجاب، چترال، دير، سوات، شانگلا، بونير، ڪوهستان، مانسهره، ايبٽ آباد، چارسده، نوشهره، صوابي ۽ مردان جي ندي نالن ۾ چاڙهه جو خطرو آهي. 29 آگسٽ (رات) کان پهرين سيپٽمبر دوران اسلام آباد، راولپنڊي،گوجرانواله، لاهور، سيالڪوٽ، فيصل آباد، پشاور، نوشهره ۽ مردان جي هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آهي. شديد برساتن سبب خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان، مري، گليات ۽ ڪشمير جي جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ ۽ ٽريفڪ ۾ رڪاوٽ جو خطرو آهي، شديد برساتن/ طوفان، گجگوڙ ۽ برسات سبب ڪمزور انفراسٽرڪچر (ڪچن گهرن/ ڀتين، بجلي جي ٿنڀن، بل بورڊز، گاڏين، سولر پينل وغيره) کي نقصان جو خدشو آهي. مسافرن ۽ سياحن کي محتاط رهڻ، سفر کان اڳ موسمي صورتحال معلوم ڪرڻ ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.