اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) مبشر حسن سي پي اين اي جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل عامر محمود جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ پي آءِ او مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته عامر محمود جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، مرحوم صحافت جي فروغ جي لاءِ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون. هنن چيو ته مرحوم جون پيشيواراڻيون ڪوششون سدائين ياد رکيون وينديون. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.