اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب توانائي جي منتقلي، ماحولياتي لچڪ، ٽرانسپورٽ ۽ لاجسٽڪس، انساني وسيلن جي ترقي ۽ وسيلن جي بهتر استعمال ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ سان گهرن ناتن جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. ناڻي واري وزير پاليسيءَ تي ٻَڌل فنانسنگ، ڪيپيٽل مارڪيٽن جي ترقي، نجي شعبي جي شموليت ۽ گرين بانڊز، بلينڊڊ فنانس ۽ ڊيٽ فار نيچر سوئيپس جهڙن جديد مالياتي ذريعن مان به سهڪار وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. هن اها ڳالهه هتي اي ڊي بي جي صدر مساتو ڪاندا سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي ناڻي وزارت، ايف بي آر، اقتصادي معاملن جي سينيئر عملدارن ۽ اي ڊي بي جا اعليٰ عملدار به موجود هئا. اي ڊي بي جي وفد ۾ بئنڪ جي پاڪستان ۾ ڪنٽري ڊائريڪٽر ايما فان، وچ ۽ اولهه ايشيا بابت ڊائريڪٽر جنرل ليا گٽيريز ۽ پاڪستان جي اي ڊي بي بابت ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر نور احمد شامل هئا. ناڻي واري وزير بئنڪ جي صدر ۽ وفد جي شاندار آجيان ڪئي ۽ پاڪستان سان بئنڪ جي جٽادار ڀائيواريءَ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن تازي ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان جي ماحولياتي لچڪ ۽ قدرتي آفتن کي مُنهن ڏيڻ جي تياريءَ جي عزم کي اجاگر ڪيو ۽ ان ڳالهه تي ٿورو ادا ڪيو ته بئنڪ جي صدر عهدو سنڀالڻ کانپوءِ سڀ کان پهرين پاڪستان کي پنهنجي ترجيحي منزل بڻايو. ناڻي واري وزير، اي ڊي بي جي صدر سان اپريل ۾ واشنگٽن ۾ ٿيل ملاقاتن کي به سٺو سنوڻ قرار ڏنو. ان موقعي تي هن اي ڊي بي جي ڪنٽري ٽيم، خاص ڪري ايمافان جي اڳواڻيءَ ۾ ناڻي وزارت سان تعميري رابطن ۽ معاشي سڌارن ۾ سهڪار کي پڻ ساراهيو. هن وفد کي پاڪستان جي معاشي صورتحال کان آگاهه ڪندي چيو ته گذريل ڪجهه سالن کان ڪيترن ئي چئلينجز باوجود معيشت ۾ استحڪام آيو آهي، ناڻي واڌ ۾ نمايان گهٽتائي آئي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جي کاتن جو خسارو ضابطي ۾ آهي ۽ عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسين طرفان پاڪستان جي ريٽنگ ۾ بهتريءَ کانپوءِ قرضن کي حاصل ڪرڻ جي لاڳت گهٽ ٿي آهي. هن پاڪستان ۾ وسيلن جي بهتر استعمال، عورتن جي مالي شموليت، ڊزاسٽر مئنجمينٽ رسڪ فنانسنگ ۽ ماحول دوست توانائي طرف منتقليءَ ۾ بئنڪ جي سهڪار کي خاص طور تي ساراهيو. ناڻي واري وزير زراعت جي انشورنس، ٽرانسپورٽ ۽ ڪنيڪٽوٽي جي ڍانچي جي مضبوطي ۽ مالياتي شعبي ۾ سڌارن لاءِ اي ڊي بي جي معاونت کي پڻ اهم قرار ڏنو. مستقبل جي ڀائيواريءَ تي ڳالهائيندي ناڻي واري وزير توانائي جي منتقلي، ماحولياتي لچڪ، ٽرانسپورٽ ۽ لاجسٽڪس، انساني وسيلن جي ترقي ۽ وسيلن جي بهتر استعمال ۾ گهري سهڪار جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن پاليسيءَ تي ٻَڌل فنانسنگ، ڪيپيٽل مارڪيٽن جي ترقي، نجي شعبي جي شموليت ۽ گرين بانڊز، بلينڊڊ فنانس ۽ ڊيٽ فار نيچر سوئيپس جهڙن جديد مالياتي ذريعن مان به سهڪار وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. اي ڊي بي جي صدر پاڪستان جي معاشي سڌارن ۽ استحڪام جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته معيشت ۾ بهتري ۽ ڍانچه جاتي سڌارا سٺو سنوڻ آهن. هن خاطري ڏياري ته اي ڊي بي خاص طور تي ماحولياتي تبديليءَ کي مُنهن ڏيڻ، آباديءَ جي مسئلن، بنيادي ڍانچي جي تعمير ۽ وسيلن کي حاصل ڪرڻ جي شعبن ۾ پاڪستان جي معاونت جاري رکندي. هن پاڪستان جي مارڪيٽ کي جدت بنائڻ جي ڪوششن کي به ساراهيو ۽ چيو ته اي ڊي بي پانڊا بانڊ سميت ٻيا جديد مالياتي ذريعا متعارف ڪرائڻ ۾ مدد فراهم ڪندي. ان موقعي ڌُرين ترقياتي ڀائيواري کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.