ڪراچي-27 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته حضرت محمد ﷺ جي 1500 هين ولادت باسعادت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي۔ هن چيو ته حضور ﷺ جي ولادت سڄي انسانيت لاءِ رحمت ۽ شفقت جو پيغام آهي۔ وڏي وزير چيو ته عيد ميلادالنبي ﷺ شاندار نموني سان ملهايو ويندو جيڪو اتحاد، عقيدت ۽ احترام جي عڪاسي ڪندو۔ اهڙو اظهار هن عيد ميلادالنبي ﷺ (12 ربيع الاول) جي حوالي سان ٿيل اهم اجلاس جي صدارت دوران ڪيو۔ اجلاس ۾ عيد ميلادالنبي ﷺ (12 ربيع الاول) جي موقعي تي سيڪيورٽي، صفائي ۽ بجلي جي فراهمي جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي۔ اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ وڏي وزير شرڪت ڪندڙن کي ربيع الاول جي آمد تي مبارڪباد ڏني۔ان موقعي تي وڏي وزير آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته سنڌ ۾ ربيع الاول جي سڀني پروگرامن ۽ جلوسن لاءِ فول پروف سيڪيورٽي انتظام ڪيا وڃن۔ سيد مراد علي شاهه ڊويزنل ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته سڀني ضلعن ۾ صفائي سٿرائي جا مڪمل انتظام ڪيا وڃن ۽ جتي ضرورت هجي اتي روڊن ۽ نيڪال جي نظام جي فوري مرمت ڪئي وڃي۔ هن ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو تي زور ڀريو ته هو ڊويزن ۽ ضلعي انتظاميه سان مڪمل رابطي ۾ رهي، جشن دوران بنا رڪاوٽ بجلي فراهم ڪن۔ عالم سڳورن عيد ميلادالنبي ﷺ کي مذهبي جوش ۽ جذبي سان ۽ پرامن ماحول ۾ ملهاڻ لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون۔ وڏي وزير يقين ڏياريو ته سيڪيورٽي، صفائي ۽ انتظامي رابطي بابت تجويزن تي عمل ڪيو ويندو۔ انتظاميا کي هدايت ڪئي وئي ته هو عالم سڳورن سان مسلسل رابطي ۾ رهي انتظامن کي آسان بڻائين۔اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سيد ناصر حسين شاهه، سعيد غني، ضياءُالحسن لنجار، رياض شاهه شيرازي، سينيٽر وقار مهدي ۽ ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، گھرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن ۽ ڪي اليڪٽرڪ جا نمائندا به اجلاس ۾ موجود هئا۔اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي سمورن ڊويزنل ڪمشنرن ۽ ڊپٽي انسپيڪٽر جنرلز پڻ شرڪت ڪئي۔