ڪراچي-27 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پنجاب ۾ تازي ٻوڏ سبب آيل تباهي ۽ موسميات کاتي پي ڊي ايم اي جي جديد الرٽ کي نظر ۾ رکندي صوبي ۾ فوري قدم کڻڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن۔ هن چيو ته وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبي ۾ برساتن ۽ امڪاني ٻوڏ بابت تيارين جو جائزو ورتو ويو. وزيراعليٰ چيو ته سنڌو درياءَ جي گڊو ۽ سکر وارن هنڌن تي 4 ۽ 5 سيپٽمبر تي وڏي سطح جي ٻوڏ جو امڪان آهي، تنهن ڪري سڀئي لاڳاپيل ادارا هوشيار رهن ۽ صوبائي ايمرجنسي پلان 2025 تحت عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته وزيراعليٰ ڊويزنل ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن، پي ڊي ايم اي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڏني آهي ته هو 24 ڪلاڪ الرٽ رهن، بندن ۽ آباديءَ جي تحفظ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن، ۽ ضروري سهولتون جيئن ته تنبو، راشن بيگ، ٻيڙيون، دوائون ۽ مشينري مهيا ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعليٰ مختلف وزيرن ۽ اسيمبلي جي ميمبرن کي سنڌو درياءَ جي کاٻي ۽ ساڄي ڪناري تي نگراني لاءِ مقرر ڪيو آهي ته جيئن بندن ۽ خطري وارن علائقن جي صورتحال جو سڌو سنئون جائزو وٺي سگهن. وزير اعليٰ صحت کاتي کي هدايت ڏني آهي ته ٻوڏ جي پاڻيءَ سبب پيدا ٿيندڙ بيمارين جي روڪٿام لاءِ ميڊيڪل ٽيمون ۽ حفاظتي ويڪسين مهم فوري طور تي شروع ڪئي وڃي. ڪي ايم سي، مڪاني ادارن ۽ ريسڪيو اختيارين کي هدايت ڪئي وئي ته هو ايمرجنسي لڏپلاڻ، وڏي مشينري ۽ محفوظ پناهه گاهن جي فراهمي يقيني بڻائين. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته وزيراعليٰ ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت اولين ترجيح آهي ۽ سڀئي ادارا اين ڊي ايم اي ۽ وفاقي ادارن سان مڪمل رابطي ۾ رهن.