لاڙڪاڻو-27 آگسٽ (اي پي پي)پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي تعلقي رتوديرو جي ڳوٺ خانواھ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ پي پي ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر پڻ موجود ھئي. ان موقعي تي هن پوليس مقابلي ۾ شھيد ٿي ويل سپاھي رمضان جروار جي فرزندن عبدالصمد، علي حسن ۽ بلاول سان تعزيت ڪئي.