ڪينبرا – 26 آگسٽ (اي پي پي) آسٽريلوي وزيراعظم انٿوني البانيز ايران تي ملڪ ۾ يهود مخالف حملو ڪرائڻ جو الزام لڳائيندي ايراني سفير احمد صادقي کي ملڪ بدر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق پريس ڪانفرنس ۾ آسٽريلوي وزيراعظم انٿوني البانيز چيو ته آسٽريلوي سيڪيورٽي انٽيلي جنس آرگنائزيشن (اي ايس آءِ او) شاهديون گڏ ڪيون آهن ته ايران آڪٽوبر 2023ع کان سڊني ۽ ميلبورن ۾ آسٽريلوي يهودي ڪميونٽي تي ٻه حملا ڪرايا. هن چيو ته ايران پنهنجي شموليت کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اي ايس آءِ او جو اندازو آهي ته انهن حملن پٺيان ايران ئي آهي. هن چيو ته ايران آسٽريلوي سفارتخاني پنهنجون ڪارروائيون معطل ڪري چڪو آهي ۽ سمورا سفارتڪار محفوظ محفوظ طور تي ڪنهن ٽئين ملڪ ۾ موجود آهن. آسٽريليا جي پرڏيهي وزير پيني وونگ چيو ته اهو پهريون ڀيرو آهي ته ٻئين مهاڀاري جنگ کانپوءِ ڪنهن سفير کي آسٽريليا مان ڪڍيو ويو آهي ۽ هن ايران ۾ موجود آسٽريلوي شهرين تي زور ڏنو ته جيڪڏهن ممڪن هجي ته اهي ملڪ ڇڏي ڏين.