بيجنگ – 26 آگسٽ (اي پي پي) چين جي صوبي هائنان جي ڪمرشل لانچ سائٽ مان زمين جي هيٺاهين مدار (لو ارٿ اربٽ) ۾ سيٽلائٽس جي هڪ ٻئي گروپ کي ڪاميابي سان لانچ ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق چيني خلائي اداري ٻڌايو ته لانگ مارچ 8 اي-راڪيٽ گذريل ڏينهن صبح 3 لڳي 8 منٽن تي ڏهون گروپ روانو ڪيو جيڪو عالمي انٽرنيٽ ڪانسٽيليشن جي جوڙجڪ لاءِ مخصوص آهي. اهي سيٽلائٽس مقرر ڪيل مدار ۾ داخل ٿي ويا آهن. چائنا اڪيڊمي آف لانچ وهيڪل ٽيڪنالاجي جي تيار ڪيل اها جديد راڪيٽ ٽيڪنالاجي هڪ ئي وقت وڏي پيماني تي سيٽلائٽ ڪانسٽيليشن لڳائڻ لاءِ ڊيزائن ڪئي وئي آهي.اهو هلندڙ سال لانگ مارچ 8- اي راڪيٽ جو ٽيون ڪامياب آپريشن آهي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته چين هاڻي هاءِ ڊينسٽي لانچنگ جي صلاحيت حاصل ڪري ورتي آهي ۽ هڪ ئي وقت مختلف مشنز انجام ڏيڻ جي قابل آهي.