سيئول – 26 آگسٽ (اي پي پي) جمهوريا ڪوريا چيو آهي ته ان آمريڪا سان جهاز سازي، ايٽمي توانائي، هوابازي، ليڪويفائيڊ نيچرل گيس (ايل اين جي) ۽ اهم معدنيات تائين جي اهم صنعتي شعبن ۾ ٻه طرفا سهڪار لاءِ مفاهمت جي 11 يادداشتن تي صحيحيون ڪيون آهن. پرڏيهي ميڊيا جمهوريا ڪوريا جي صنعت واري وزير ڪم جونگ ڪوان جي بيان جي حوالي سان ٻڌايو ته گذريل ڏينهن واشنگٽن ۾ ڪوريا ۽ آمريڪا جي صدرن ڊونلڊ ٽرمپ ۽ لي جي ميونگ وچ ۾ ٿيل سربراهي ملاقات بعد مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحيون ڪيون ويون. هن جو چوڻ هو ته ڪوريا جي حڪومت آمريڪا سان مينوفيڪچرنگ جي شعبي ۾ سهڪار جي بحالي لاءِ سمورا اداره جاتي مدد فراهم ڪندي، اسان ٻنهي ملڪن جي ڪمپنين لاءِ ڪاروبار لاءِ تمام گهڻا موقعا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.