کٽمنڊو – 26 آگسٽ (اي پي پي) مائونٽ ايورسٽ تان ڪچرو کڻڻ لاءِ ڊرونز جو استعمال شروع ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق مائونٽ ايورسٽ کي ڪچري کان پاڪ ڪرڻ لاءِ پهريون ڀيرو وڏن ڊرونز جو استعمال ڪيو ويو. نيپالي ڪمپني ايئر لفٽ ٽيڪنالاجي جديد هيوي لفٽر ڊرونز ذريعي ڪيمپ هڪ مان 300 ڪلوگرام ڪچرو هيٺ منتقل ڪيو. ڪمپني جي نمائندي چيو ته ڊرونز نه رڳو وقت ۽ خرچ ۾ بچت ڪري رهيا آهن پر جبل چاڙهن جي حفاظت ۾ به مددگار ثابت ٿي رهيا آهن. اهي ڊرونز آڪسيجن، رسي ۽ ٻين سامانن جي فراهمي لاءِ به استعمال ٿي رهيا آهن. ڪمپني ايندڙ مهيني اهو ئي منصوبو مائونٽ مناسلو تي به شروع ڪندي.