واشنگٽن _ 26 آگسٽ (اي پي پي ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چين سان عظيم لاڳاپا قائم ٿيڻ جي اميد ظاهر ڪندي چيو آهي ته ٻنهن ملڪن وچ ۾ لاڳاپا بهتر ٿي رهيا آهن . پرڏيهي خابرو اداري مطابق وائٽ هائوس ۾ ڏکڻ ڪوريا جي صدر لي جي ميونگ سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسان چين سان گڏ عظيم لاڳاپا قائم ڪرڻ وڃي رهيا آهيون . ان موقعي تي صدر ٽرمپ چين سان جاري ڳالهين ، خاص طورتي واپاري معاملن تي ، آمريڪا جي پوزيشن کي مضبوط قرار ڏيندي چيو ته آمريڪا وٽ اهڙا طاقتور ڪارڊ موجود آهن جيڪي فائدي مند نتيجا حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا . واضع رهي ته آمريڪا ۽ چين وچ ۾ تازن سالن ۾ واپاري ڇڪتاڻ ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي . پر ٻئي ملڪ ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن .