واشنگٽن – 26 آگسٽ (اي پي پي) واٽس ايپ آءِ فون صارفين لاءِ نئون اسٽيٽس شيئرنگ فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق واٽس ايپ آءِ فون صارفين لاءِ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو آهي، جنهن تحت هاڻي ٻين ايپس مان سڌي ريت ”اسٽيٽس“ اپ ڊيٽس شيئر ڪري سگهجن ٿا. اها سهولت واٽس ايپ جي تازي بيٽا ورزن ۾ شامل ڪئي وئي آهي. ان فيچر مطابق هاڻي صارف ڪنهن به ايپ مان تصويرون يا ويڊيوز شيئر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته آءِ او ايس جي شيئرنگ آپشنز ۾ ”ماءِ اسٽيٽس“ جي چونڊ پاڻ مرادو نظر ايندي. ان فيچر سان اسٽيٽس پوسٽ ڪرڻ اڳ ۾ کان وڌيڪ آسان ۽ تيز ٿي ويو آهي.