جده- 26 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ترڪي جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ۽ ٻطرفي گهڻ طرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ ترڪي جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 21هين غير معمولي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي صدارت لاءِ ترڪي جي قائداڻي ڪردار جي واکاڻ ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن فلسطيني عوام سان پنهنجي مضبوط يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ زور ڏنو ته فلسطين ۾ انساني بحران ۽ ڏُڪار هڪ سنگين شڪل اختيار ڪري چڪو آهي، جنهن لاءِ فوري انساني امداد ۽ رليف ضروري آهي. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گهڻ طرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو.