ماسڪو – 26 آگسٽ (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته چين ۽ روس وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپا سڄي دنيا ۾ امن لاءِ هڪ مضبوط ذريعو آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق روسي پارليامينٽ (ڊوما) جي چيئرمين ويچسلادودلودين سان ملاقات ۾ هن چيو ته چين ۽ روس جا لاڳاپا اڄ جي تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ وڏين طاقتن وچ سڀني کان وڌيڪ مستحڪم ۽ اقتصادي نوعيت جا آهن. شي جن پنگ ٻنهي ملڪن جي قانون ساز ادارن وچ ۾ سهڪار جي ٻه طرفا اقتصادي شراڪتداري جو اهم حصو قرار ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن کي حڪمراني ۽ قانون سازي جي تجربن جي مٽا سٽا کي هٿي ڏيڻ گهرجي. هن سيڪيورٽي، ترقي، عالمي ڏاکڻين ملڪن جي اتحاد ۽ منصفاڻي عاليم نظام جي جوڙجڪ تي زور ڏنو.