جده -26 آگسٽ (اي پي پي) اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحه غزه ۾ فوري ۽ مستقل جنگ بندي، جارحيت جي خاتمي ۽ اسرائيلي فوج جي مڪمل نيڪالي تي زور ڀريو آهي. جده ۾ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 21هين غيرمعمولي اجلاس کي خطاب ڪندي هن غزه ۾ نسل ڪشي، جبري لڏپلاڻ، منظم تباهي ۽ غيرقانوني ناڪابندي جي مذمت ڪئي. هن اسرائيل تي الزام لڳايو ته هو بک کي جنگي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي. هن والاريل بيت المقدس جي اي ون ايريا ۾ اسرائيلي وسندين جي توسيع ۽ صحافين کي نشانو بڻائڻ جي مذمت ڪندي، ان قسم جي قدمن خلاف عالمي قانون تحت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو. هن خبردار ڪيو ته اسرائيلي حڪومت جو غزه تي مڪمل فوجي ڪنٽرول ۽ گريٽر اسرائيل ويزن کي اڳتي وڌائڻ جو ارادو آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي. واضح رهي ته پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ غزه ۾ وڌندڙ انساني بحران تي پڻ غور ڪيو ويو. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ميمبر ملڪن تي زور ڀريو ته اهي رياض ۾ منعقد عرب اسلامي سربراهي اجلاس م منظور ٿيل ٺهرائن تي عمل ڪن. هن فلسطيني رياست کي تسليم ڪندڙ ملڪن جي وڌندڙ تعداد جي آجيان ڪئي ۽ ٻين ملڪن کان پڻ فلسطيني رياست  کي تسليم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.