گڏيل قومون-15 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن اسرائيل کان مطالبو ڪيو آهي ته هو اولهندي ڪناري ۾ هڪ وسندي جو منصوبو شروع ڪرڻ جي فيصلي تان هٿ کڻي ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق گڏيل قومن ان کي هڪ اهڙو منصوبو قرار ڏنو جيڪو علائقي کي ورهائڻ ۽ اوڀر القدس کان ڌار ڪري ڇڏيندو. گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ صحافين کي ٻڌايو ته اهو منصوبو ٻه رياستي حل جي موقعن کي ختم ڪري ڇڏيندو. اهي وسنديون عالمي قانون جي ڀڃڪڙي تي ٻڌل آهن ۽ قبضي کي وڌيڪ هٿي ڏئي رهيون آهن. گڏيل قومن جو اهو بيان اسرائيلي ناڻي واري وزير سموٽريچ جي ان اعلان بعد سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن هڪ ڊگهي عرصي کان التوا هيٺ وسندي جي منصوبي تي ڪم شروع ڪرڻ جو چيو هو. اها وسندي اولهندي ڪناري کي ورهائي اوڀر القدس کان ڌار ڪري ڇڏيندي. سندس آفيس ان قدم کي فلسطيني رياست جي قيام جي خيال کي ”دفن“ ڪرڻ جي برابر قرار ڏنو آهي.