نيويارڪ-15 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ اولهه ماٺي سمنڊ ۾ واقع ٻيٽ نما ملڪ مائڪرونيشيا نيويارڪ ۾ هڪ باقاعده سفارتي تقريب دوران سفارتي لاڳاپا قائم ڪري ورتا. ان موقعي تي پاڪستان جي گڏيل قومن ۾ مستقل نمائندي سفير عاصم افتخار احمد ۽ مائڪرونيشيا جي مستقل نمائندي سفير جيم ايس لپوي گڏيل پڌرنامي تي صحيحيون ڪيون. تقريب گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مشن ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي سفارتڪارن شرڪت ڪئي، جن ۾ پاڪستان جو نائب نمائندو سفير عثمان جدون به شامل هو. سفير عاصم افتخار احمد ان موقعي تي چيو ته کيس خوشي آهي ته اهي سفارتي لاڳاپا يوم آزادي جي موقعي تي قائم ٿي رهيا آهن، جيڪي ٻنهي ملڪن وچ ۾ خاص طور تي انساني وسيلن جي ترقي، صلاحيت ۾ اضافي ۽ ماحولياتي تبديلي جهڙن اهم شعبن ۾ سهڪار جا نوان موقعا پيدا ڪندا. هن ان ڳالهه تي به خوشي جو اظهار ڪيو ته پاڪستان اهو 100 هون ملڪ آهي جنهن سان مائڪرونيشيا سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا آهن. ٻئي پاسي سفير جيم ايس لپوي ان نئين سفارتي باب جي شروعات تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته هو پاڪستان سان دوستي ۽ شراڪتداري جي سفر جي شروعات تي فخر محسوس ڪري رهيو آهي. هن گڏيل قومن جي آفيس جي قيام ۾ سهڪار تي پاڪستان جو ٿورو مڃيو ۽ مستقبل ۾ ويجهي سهڪار جي اميد ظاهر ڪئي. گڏو گڏ هن پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي تي مبارڪون به پيش ڪيون. تقريب کان اڳ ٻنهي سفيرن وچ ۾ مختصر ملاقات به ٿي، جنهن ۾ به طرفا ۽ گڏيل قومن جي پليٽ فارم تي امڪاني سهڪار جي رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.