اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي علائقي ڪشتواڙ ۾ ڪڪر ڦاٽڻ جي تازي واقعي سبب قيمتي جانين جي افسوسناڪ نقصان ۽ وڏي پئماني تي ملڪيتن کي پهچندڙ نقصان تي انتهائي ڏکويل آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري پڌرائي ۾ چيو ويو ته اسان سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ڪشميرين سان پنهنجي مُڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو.