اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين تي 263 شخصيتن کي پاڪستان سول ايوارڊز ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي جيڪي 23 مارچ 2026ع تي پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي ڏنا ويندا. ڪابينا سيڪريٽريٽ ايوارڊز سيڪشن پاران جاري پڌرائي موجب سائنس جي شعبي ۾ نمايان ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين تي ڊاڪٽر سيد حبيب الله شاهه (زراعت) کي ستاره امتياز، پروفيسر ڊاڪٽر رافيه ممتاز کي صدارتي ايوارڊ براءِ حسنِ ڪارڪردگي (پرائيڊ آف پرفارمينس)، انجنيئر ڊاڪٽر مريم جلال چوڌري، پروفيسر ڊاڪٽر محمد معظم فراز ۽ پروفيسر ڊاڪٽر اويس ياسين کي تمغه امتياز جڏهن ته انجنيئر رخسانه زبيري کي ستاره امتياز ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. تعليم جي شعبي ۾ ڊاڪٽر عامر محمد ۽ پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الحق کي هلال امتياز، ڊاڪٽر شمس الدين قريشي (مرحوم)، پروفيسر چوڌري ارشاد محمد خان (مرحوم) کي ستاره امتياز، پروفيسر ڊاڪٽر مجيب الدين ميمڻ ۽ ڊاڪٽر مولاداد شفا کي ستاره امتياز، ڊاڪٽر لبنيٰ ظهير کي صدارتي ايوارڊ براءِ حسنِ ڪارڪردگي (پرائيڊ آف پرفارمينس)، پروفيسر ڊاڪٽر محمد صبيحه انور، ڊاڪٽر رحمت الاهي، ڊاڪٽر طارق محمود جدون، پروفيسر ڊاڪٽر سرور خان، پروفيسر ڊاڪٽر نقيب الله اچڪزئي، پروفيسر ڊاڪٽر خالد حفيظ، غلام نبي، زڪريا اسماعيل گوندل، جاويد رئيس، عابد حسين لاشاري ۽ ڊاڪٽر ممتاز عمر کي تمغه امتياز ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو. طب جي شعبي ۾ پروفيسر ڊاڪٽر بلال احمد، ڊاڪٽر اڪبر حسين، ڊاڪٽر شوڪت زبير، ڊاڪٽر فرحت اختر راجا ۽ ڊاڪٽر خرم خان کي تمغه امتياز ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. فن جي شعبي ۾ عرفان علي کوسٽ، حديقه ڪياني، عرفان احسن، عذرا آفتاب، ثمينه پيرزاده، فضيلا قيصر قاضي، سويرا عباس، حميرا ارشد، سائره نسيم ۽ سليمه هاشمي کي ستاره امتياز، محمد اعظم خان، ذوالقرنين حيدر، سلطان جاويد جمال، نور محمد بلوچ، رجب علي، مختيار ناز تاج مستاني، جمشيد علي خان، شيخ محمد صادق ۽ خواجه علي ڪاظم (مرحوم) جي لاءِ صدارتي ايوارڊ براءِ حسنِ ڪارڪردگي (پرائيڊ آف پرفارمينس) جڏهن ته الله ڏنو المعروف اي ڊي بلوچ، عمران الله هنزئي ۽ قاضي شجاعت قادري کي تمغه امتياز ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ادب ۾ عرفان الحق صديقي، عطاءُ الحق قاسمي ۽ مستنصر حسين تارڙ کي نشان امتياز، اصغر نديم سيد ۽ زارا ماجد علي کي هلال امتياز، مرتضيٰ برلاس، ياسمين حميد، نصير احمد ناصر، پروفيسر ڪرار حسين مرحوم، ڊاڪٽر عبدالرئوف رفيقي، رضا الله شاهه عارف نوشاهي ۽ سيد مسعود حسين شهاب دهلوي (مرحوم) کي ستاره امتياز ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ادب ۾ وڌيڪ شخصيتن جن ۾ امين الله دائودزئي، اختر محمود ۽ تجمل ڪليم (مرحوم) کي صدارتي ايوارڊ براءِ حسنِ ڪارڪردگي (پرائيڊ آف پرفارمينس)، احمد خان طارق (مرحوم)، ڊاڪٽر غلام معين الدين، ڊاڪٽر ناصر عباس نيئر، محمد امين ضياءَ ۽ ثروت محي الدين کي تمغه امتياز ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. راندين جي شعبي ۾ شاهد خان آفريدي، شهروز ڪاشف، ملڪ محمد عطا (مرحوم) کي هلال امتياز، ثنا مير ۽ حيدر علي کي ستاره امتياز، محمد سجاد گجر ۽ شاهزيب رند کي صدارتي ايوارڊ براءِ حسنِ ڪارڪردگي (پرائيڊ آف پرفارمينس)، محمد حمزه خان، محسن نواز ۽ رشيد ملڪ کي تمغه امتياز ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. صحافت جي شعبي ۾ نمايان خدمتن تي احتشام الحق کي هلال امتياز، ضياءَ الحق سرحدي ۽ سرمد علي کي ستاره امتياز، ثمر عباس، عادل عباسي، ڪرن ناز، بينش سليم، ڪامران حامد راجا، مونا عالم، محمد طارق عزيز، ارشاد انصاري، عبدالمحي شاهه ۽ شازيه سڪندر کي تمغه امتياز ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سماجي ڀلائي جي شعبي ۾ محمد ياسين خان ۽ حمزه تاباني کي ستاره امتياز، مولانا محمد طيب قريشي، سيد زاهد حسين شاهه، ساره بلال ۽ ميجر (ر) ڊاڪٽر سلميٰ ضمير خان کي تمغه امتياز ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. فلنٿراپي ۾ محمد عبدالڪريم ثاقب، ارشد ولي محمد ۽ عبدالرحيم جانو کي ستاره امتياز، ارم رضوان، تسنيم زهره ۽ شميلا اسماعيل قريشي کي تمغه امتياز ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. عوامي خدمت ۾ نوابزاده نصرالله خان (مرحوم) کي نشان امتياز، وسيم احمد خان، معظم جاهه انصاري، عزيز الدين بولاني، سردار اويس لغاري، محمد علي کي هلال امتياز، شاهجهان سيد ڪريم (مرحوم)، ڊاڪٽر سيد محمود شاهه، جاويد اڪبر رياض، محمد اسرار، رحيم حيات قريشي، نبيل منير، تاج حيدر (مرحوم)، ڊاڪٽر نسيم فراز، منير احمد چوڌري (مرحوم)، خورشيد احمد نديم، افتخار امجد، ڊاڪٽر محمد فخر عالم عرفان، برگيڊيئر سڪندر حيات، عمران حميد ۽ سهيل اشرف کي ستاره امتياز، عبيدالرحمان نظاماڻي، سلمان اطهر، نواب عادل خان ۽ محمد نعيم اختر کي تمغه شجاعت ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح احمر ملڪ، عقيل احمد صديقي، ڊاڪٽر محمد ڪاف خان، محمد اسلم، ليفٽيننٽ ڪرنل عاطف نويد، ڊاڪٽر عارفه سيد زهره، انور حسين، ظهور اعواڻ، ڊاڪٽر شاهد ملڪ، ذيشان علي، ميان فاروق نذير، نادر شفيع ڊار، وقاص الحسن، محمد شابي احمد، سلمان اختر ۽ سروش هشمت لوڌي کي تمغه امتياز ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. گلينٽري ۽ پبلڪ سروس ۾ سپاهي اظهر محمود شهيد کي هلال شجاعت، جاويد الله محسود، نواب علي خان شهيد، هدايت الله خان شهيد، اي ايس آءِ محمد اڪرم شهيد، ايف سي عبدالله شهيد، ايف سي صمد خان شهيد، ايف سي عبدالحميد شهيد، ايف سي زامل بادشاهه شهيد، ايف سي حفيظ الله شهيد، ايف سي محمد سراج شهيد، ايف سي محمد جاويد شهيد، ايف سي امانن الله شهيد، ايف سي اقرار سيد شهيد، ايس آءِ تاج مير شاهه شهيد، سيد اقرار حسين رضوي شهيد، انسپيڪٽر شارق رضوان شهيد، غلام فريد شهيد، نائيڪ گلزار علي شهيد، سپاهي عزيز خان شهيد، سپاهي خطاب الرحمان شهيد، سپاهي گل عمرزئي شهيد، نائب صوبيدار محمد جان شهيد، لانس نائيڪ سيد الرحمان شهيد، سپاهي حضرت الله شهيد، سپاهي خانزاده شهيد، سپاهي مشتاق احمد شهيد، سپاهي عبدالسميد شهيد، نائيڪ محمد عارف شهيد، سپاهي عمران خان سهيد، سپاهي بصيرالله شهيد، سپاهي مهتاب الرحمان شهيد، سپاهي شير رحمان شهيد، سپاهي سيد امين شهيد، ايم ٽي سپاهي فضل ڪريم شهيد، سپاهي محمد يوسف شهيد، ڪانسٽيبل شهريار شهيد، فيصل اسماعيل شهيد، عبدالوڪيل خان شهيد، اي ايس آءِ نور حڪيم شهيد، ڪانسٽيبل زاهد الله شهيد، فضل منان شهيد کي ستاره شجاعت، مير مظفر حسين جمالي شهيد ۽ عدنان فاروق قريشي شهيد کي تمغه شجاعت ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سعيد منان، ملڪ گوهر علي، شاهد حسين، سپاهي باسط الله، سپاهي سميع الله، سپاهي صابر علي، سپاهي صائب دين، انڊر آفيسر عيسيٰ خان کي تمغه شجاعت، ايس ايس پي عطاءُ الرحمان، احمد رضا، ايس ايس پي اختر فاروق، شهاب الدين خان کي ستاره امتياز، عمران شاهد، محمد هلال، عبدالوحيد خان، عبدالوهاب شيخ، وقار شعيب انور، فضل محمد، انسپيڪٽر محمد شبير حسين، عدنان قادر، ساجد عباس، سهيل انور، سفيد خان، انسپيڪٽر محمد اسلم، انڊر آفيسر مجاهد علي، انڊر آفيسر عبدالاحد، انڊر آفيسر طاهر نويد، ڪارپورل فهد ساجد، ايڇ سي نديم، طارق بٽ، عبدالرحيم ۽ عبيدالله کي تمغه امتياز ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح پاڪستان جي لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندڙ پرڏيهين جي لاءِ پڻ ايوارڊز جو اعلان ڪيو ويو آهي انهن ۾ شاهه خالد الفيصل بن عبدالعزيز السعود کي هلال پاڪستان، لي هونگ زونگ، ليوجيان شو ۽ وانگ يانگ جي لاءِ هلال قائداعظم، محمد بن حسن محمد حسن السويدي، راشد اووزيگل ديوچ ۽ سانتا ماريه اناسيلر کي ستاره پاڪستان، زو ڊونگ يو ۽ پنڪيو کي ستار امتياز، سيو جون کي ستاره قائداعظم، لورا دلمير (مرحوم) کي تمغه شجاعت، نورالرحمان عابد کي تمغه امتياز، ڪيان فينگ کي تمغه قائداعظم، ڊاڪٽر فيصل اڪرام کي تمغه خدمت ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اوورسيز پاڪستانين مان سليم اصغر علي، فاخره خالد، ڊاڪٽر ارشد ريحان ۽ اشرف حبيب الله کي ستاره امتياز، وقار علي خان ۽ قدير احمد خان کي صدارتي ايوارڊ براءِ حسنِ ڪارڪردگي (پرائيڊ آف پرفارمينس)، محمد سعيد شيخ کي ستاره خدمت، پروفيسر ڊاڪٽر راحت منير، ابرار حسين تنولي، ڊاڪٽر محمد شهباز چوڌري، ڊاڪٽر منصور ميمڻ، ڊاڪٽر شوڪت علي، سڪندر ملڪ، ڊاڪٽر اسد الله رومي، مدثر علي، چوڌري امانت حسين، افتخار سڪندر چيما، زاهد مغل، محمود سلطان، ڊاڪٽر شجاع الدين، راجا سلمان رضا، ڊاڪٽر عرفان ملڪ، ڊاڪٽر مجيد خان، ڊاڪٽر رائو ڪامران علي، عامر جاويد شيخ ۽ وقاص خان کي تمغه امتياز ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.