اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي ڪالهه لوڪ ورثه ۾ جشنِ آزادي ۽ حق جي ويڙهه جي موقعي تي رٿيل تقريب ۾ شرڪت ڪئي. قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت موجب تقريب جي شروعات يومِ آزادي ۽ حق جي ويڙهه جي مناسبت سان ڪيڪ ڪٽڻ سان ٿي. وفاقي وزير ان موقعي تي چيو ته يومِ آزادي اسان کي نه صرف آزادي جي قدر ۽ ان لاءِ ڏنل قربانين جي ياد ڏياري ٿو پر هي عزم جي تجديد جو ڏينهن آهي ته اسان پنهنجي ثقافت، تهذيب ۽ قومي ورثي جي حفاظت هر حال ۾ ڪنداسين. هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي هاڻوڪي ڇڪتاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر اسان کي آزاديءَ جي قيمت ۽ ان جي تحفظ لاءِ قومي يڪجهتي جي ضرورت جي ياد ڏياري آهي. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته آزاديءَ جو تحفظ قرباني ۽ اتحاد کانسواءِ ممڪن ناهي. وطن جي بچاءُ لاءِ پوري قوم شيهي جي ڀت وانگر بڻيل آهي. وفاقي وزير لوڪ ورثه ۾ حق جي ويڙهه جي نالي سان منسوب تصويري نمائش ۽ ثقافتي پروگرامز جو به دؤرو ڪيو ۽ انهن کي ساراهيو. هن چيو ته اسان جي ثقافت هزارين سالن تي ٻَڌل تاريخ رکي ٿي ۽ هي اسان جي سُڃاڻپ جو بنيادي حصو آهي. تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن وطنِ عزيز جي آزادي، قومي يڪجهتي ۽ شهيدن جي قربانين کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ـ دشمن جي عزمن کي ناڪام بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.