اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ملڪ جي 78هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي لاءِ ڪيل ”معرڪه حق بُنيان مرصوص“ جي ڪاميابي جي لاءِ سياسي، عسڪري، سفارتي ۽ ميڊيا جي محاذن تي غيرمعمولي عزم، بهادري ۽ جرئت جو مظاهرو ڪرڻ ۽ قومي بيانيي سان دشمن جي پروپئگنڊه کي ناڪام بڻائيندي قومي وقار ۽ خودمختياري جو ڀرپور دفاع ڪندڙ سول ۽ فوجي آفيسرن، جوانن ۽ معرڪه حق جي شهيدن کي اعليٰ سول ۽ فوجي اعزاز عطا ڪيا. ايوان صدر ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي منعقد پروقار تقريب ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف آپريشن بُنيان مرصوص دوران غيرمعمولي ڪارڪردگي ۽ جرئت جو مظاهرو ڪندڙ مختلف سول ۽ عسڪري خدمتن جي شعبن سان تعلق رکندڙ آفيسرن، ميڊيا جي نمائندن ۽ تجزيه نگارن ۽ وفاقي وزيرن ۽ عام شهرين کي ايوارڊز ڏنا، صدر آفيسرن، جوانن ۽ شهيدن کي تمغه امتياز، تمغه بسالت، تمغه جرئت، نشان امتياز، امتيازي سرٽيفڪيٽ، ستاره بسالت، چيف آف آرمي اسٽاف تعريفي سرٽيفڪيٽ ۽ اعزازن سان نوازيو آهي. صدر آصف علي زرداري آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير (نشان امتياز ملٽري) کي دشمن ملڪ ڀارت جي خلاف معرڪه حق بُنيان مرصوص جي قيادت ڪندي لازوال جرئت جو مظاهرو ڪرڻ تي هلال جرئت سان نوازيو. صدر آصف علي زرداري چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر کي فضائي جنگ جي قيادت ڪندي اڻٿڪ جزئت جي اعتراف ۾ هلال جرئت جو ايوارڊ عطا ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف کي سامونڊي دفاع کي يقيني بڻائڻ ۽ دائمي تياري جي ذريعي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ تي نشان امتياز عطا ڪيو. عسڪري معاملن ۾ اعليٰ صلاحڪار جي خدمتن جي اعتراف ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحد شمشاد مرزا کي صدر نشان امتياز سان نوازيو. پرڏيهي پاليسي ۽ سفارتي سطح تي قومي بيانيو اجاگر ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي دشمن جي ارادن کي بي نقاب ڪرڻ جي لاءِ صدر آصف علي زرداري نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي نشان امتياز عطا ڪيو جڏهن ته سنڌ طاس معاهدي جي قانوني حيثيت جي ذريعي ڀارت جي هڪ طرفي ارادن کي ناڪام بڻائڻ تي قانون ۽ انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ کي پڻ نشان امتياز ڏنو ويو. ملڪ جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جي لاءِ سياسي عزم ۽ جرئت جو مظاهرو ڪرڻ تي دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف کي نشان امتياز عطا ڪيو ويو. صدر تازي پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ دوران قومي بيانيو عالمي سطح تي موثر ۽ ڪامياب انداز ۾ پيش ڪرڻ تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ کي نشان امتياز عطا ڪيو. ان دوران وفاقي گهرو وزير محسن نقوي کي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ جي لاءِ خدمتون سرانجام ڏيڻ تي نشان امتياز سان نوازيو، منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چوڌري کي نشان امتياز عطا ڪيو. صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران جوڙيل سفارتي وفد جي قيادت ڪندي عالمي سطح تي پاڪستان جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ جي خدمتن جي اعتراف ۾ قومي اسيمبلي ميمبر بلاول ڀٽو زرداري کي نشان امتياز عطا ڪيو، اهڙي طرح وزيراعظم جي سياسي ۽ عوامي معاملن ۽ بين الصوبائي رابطن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله خان کي ملڪ ۾ سياسي هم آهنگي ۽ اتحاد جي لاءِ خدمتن تي نشان امتياز عطا ڪيو ويو. صدر سينيئر دفاعي تجزيه نگار ليفٽيننٽ جنرل محمد سعيد (ر) کي هلال امتياز، وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري خاص معاون سيد طارق فاطمي کي هلال امتياز، موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ کي هلال امتياز، سينيٽر شيري رحمان کي هلال امتياز، قومي اسيمبلي جي پرڏيهي ماملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن حنا رباني کر کي هلال امتياز، اقتصادي سفارتڪاري تي ايمبيسڊر ايٽ لارج عمر فاروق کي هلال امتياز، اڳوڻي وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير کي هلال امتياز، سينيٽر سيد فيصل علي سبزواري کي هلال امتياز، سينيٽر بشريٰ انجم کي هلال امتياز، اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري سفير جليل عباس جيلاني کي هلال امتياز، اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري سفير تهمينه جنجوعه کي هلال امتياز، اٽارني جنرل آف پاڪستان منصور عثمان اعواڻ کي هلال امتياز، ڊائريڪٽر جنرل آءِ بي فواد اسد الله خان کي هلال امتياز، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما کي هلال امتياز، وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر سيد توقير حسين شاهه کي هلال امتياز عطا ڪيو. صدر سول آفيسرن کي ستاره امتياز سان پڻ نوازيو آهي جنهن جي لاءِ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي (پي ٽي وي) جي چيئرمين ميجر جنرل حفيظ الرحمان کي ستاره امتياز، پرڏيهي معاملن واري سيڪريٽري سفير آمنه بلوچ کي ستاره امتياز، گهرو سيڪريٽري ڪيپٽن محمد خرم آغا کي ستاره امتياز، پنجاب جي گهرو سيڪريٽري نورالامين مينگل کي ستاره امتياز، چيف سيڪريٽري آزاد ڄمون ۽ ڪشمير فلائيٽ ليفٽيننٽ خوشحال خان کي ستاره امتياز، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري سيڪريٽري ضرار هاشم خان کي ستاره امتياز، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان کي ستاره امتياز، پاڻي وسيلن واري سيڪريٽري سيد علي مرتضيٰ کي ستاره امتياز، ڪمشنر انڊس واٽر ٽريٽي سيد محمد مهر علي شاهه کي ستاره امتياز عطا ڪيو آهي. صدر ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان فرانزڪ سائنس ايجنسي ڊاڪٽر محمد امجد کي تمغه امتياز، ڊي آءِ جي آپريشنز پنجاب وقاص نذير کي تمغه امتياز، ڊي آءِ جي سيڪيورٽي پنجاب ڪامران عادل کي تمغه امتياز، ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير حسن قيوم کي تمغه امتياز، پراسيڪيوٽر جنرل پنجاب سيد فرهاد علي شاهه کي تمغه امتياز، آر پي او بهاولپور راءِ بابر سعيد کي تمغه امتياز، ضلعي پوليس آفيسر بهاولپور حسن اقبال کي تمغه امتياز، ضلعي پوليس آفيسر شيخوپوره بلال ظفر شيخ کي تمغه امتياز، سٽي پوليس آفيسر راولپنڊي خالد محمود کي تمغه امتياز، سينيئر سپرنٽينڊنٽ پوليس اسپيشل برانچ پنجاب محمد معاذ ظفر کي تمغه امتياز، ڪمشنر راولپنڊي عامر خٽڪ کي تمغه امتياز، ڊپٽي ڪمشنر بهاولپور ڊاڪٽر فرحان فاروق کي تمغه امتياز، ڊپٽي ڪمشنر شيخوپوره مسٽر شاهد عمران مرٿ کي تمغه امتياز، اسسٽنٽ ڪمشنر مريدڪي توسيف ڀٽي کي تمغه امتياز، اسسٽنٽ ڪمشنر اوڪاڙه ربنواز کي تمغه امتياز، ڊائريڪٽر جنرل 1122 ڊاڪٽر رضوان حسين کي تمغه امتياز، ڊائريڪٽر سول ڊفينس پنجاب ضيغم نواز کي تمغه امتياز، ڪمشنر پونڇ مسعود الرحمان کي تمغه امتياز، ڊپٽي ڪمشنر نيلم نديم جنجوعه کي تمغه امتياز، اسسٽنٽ ڪمشنر هجيره وليد انور کي تمغه امتياز، سپرنٽينڊنٽ پوليس نيلم خواجه صديق کي تمغه امتياز، ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ پوليس هجيره جبين ڪوثر کي تمغه امتياز، عالمي معاملن جي ماهر احمد حسن عربي کي تمغه امتياز، سينيئر دفاعي ۽ سيڪيورٽي تجزيه نگار ڊاڪٽر قمر چيما کي تمغه امتياز، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن کي تمغه امتياز، وزيراعظم جي پرسنل سيڪريٽري محمد انس اقبال کي تمغه امتياز، وزيراعظم جي جوائنٽ سيڪريٽري سلمان شريف کي تمغه امتياز، وزيراعظم جي جوائنٽ سيڪريٽري مليحه شاهد کي تمغه امتياز، وزيراعظم جي تقرير لکندڙ ارشد محمود ملڪ کي تمغه امتياز، وسيم بادامي اي آر واءِ نيوز کي تمغه امتياز، حامد مير جيو نيوز کي تمغه امتياز، منصور علي خان هم نيوز کي تمغه امتياز، جاويد چوڌري ايڪسپريس نيوز کي تمغه امتياز، انيقه نثار اي آر واءِ نيوز کي تمغه امتياز، مجيب الرحمان شامي دنيا نيوز کي تمغه امتياز، طلعت حسين سماءَ نيوز کي تمغه امتياز، سليم صافي (ميڊيا) کي تمغه امتياز، عامر الياس راڻا ايڪسپريس نيوز کي تمغه امتياز، منيب فاروق (ميڊيا) کي تمغه امتياز، انصار عباسي (ميڊيا) کي تمغه امتياز، نسيم زهره (ميڊيا) کي تمغه امتياز، بدر شهباز (ميڊيا) کي تمغه امتياز، نديم ملڪ (ميڊيا) کي تمغه امتياز، منير احمد ولد ممتاز مرزا شهري کي تمغه شجاعت، محمد حسين ولد غلام محمد شهري کي تمغه شجاعت، غلام عباس ولد محمد يوسف شهري کي تمغه شجاعت، بشير عالم اعواڻ (ڪائونسلر) شهري کي تمغه شجاعت، خواجه غلام احمد (وي ڊي سي ميمبرز) شهري کي تمغه شجاعت، نمبردار اڪبر مير ولد رحمان مير شهري کي تمغه شجاعت، محمد شفقات خان ولد محمد ايوب (شهري) کي تمغه شجاعت، رضوان الزمان (صحافي) شهري کي تمغه شجاعت سان نوازيو آهي. ايوان صدر ۾ منعقد تقريب دوران ٽنهي هٿياربند فوج جي سربراهن کانسواءِ وفاقي وزيرن، سينيئر بيوروڪريٽ، سفارتڪارن ۽ معرڪه حق جي شهيدن جي پونئيرن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ جشن آزادي جي موقعي تي معرڪه حق بُنيان مرصوص ۾ نمايان ڪارڪردگي سرانجام ڏيڻ تي اعزاز حاصل ڪندڙن کي خوب داد ڏني.