اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال قوم کي 78هين جشنِ آزادي جي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هي خوشين ۽ فخر جو ڏينهن آهي، اڄ اسان حق جي ويڙهه ۾ ڪاميابيءَ تي به جشن ملهائي رهيا آهيون. ڪالهه جاري ڪيل بيان موجب پروفيسر احسن اقبال چيو ته اڄ اسان حق جي ويڙهه ۾ ڪاميابيءَ تي شڪرگذار آهيون ۽ جشن ملهائي رهيا آهيون. قوم ثابت ڪيو ته ڪوبه دشمن پاڪستان تي ميري اک نٿو وجهي سگهي. هن چيو ته هٿياربند فوج ڪنهن به اڳرائيءَ جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي. وزيراعظم جي اڳواڻيءَ ۾ سياسي قيادت ثابت ڪيو ته پاڪستان جي شان ۽ مانُ لاءِ ڪنهن به فيصلا کان نه ڪيٻائينداسين. احسن اقبال چيو ته دنيا پاڪستان کي تحسين جي نظر سان ڏسي رهي آهي، آپريشن بنيان المرصوص ۾ دفاعي شعبي ۾ بي مثال ڪاميابي حاصل ڪئي. هن چيو ته هاڻ معاشي حق جي ويڙهه ۽ اقتصادي ميدان ۾ وڙهڻو آهي. اُڏام پاڪستان سان ملڪ کي شاندار اقتصادي قوت بڻايو ويندو. رٿابندي واري وزير چيو ته استاد، ڊاڪٽر، انجنيئر، واپاري، هاري ۽ مزدورن کي 2035ع تائين پاڪستان کي هڪ ٽريلين ڊالر جي معيشت بڻائڻ جي هدف لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ملڪ جو سڀ کان قيمتي سرمايو ان جا نوجوان آهن. اُڏام پاڪستان نوجوانن کي جديد مهارتن سان تيار ڪندو، هو پاڪستان جي سُڃاڻپ بڻجي دنيا ۾ پنهنجون صلاحيتون مڃرائيندا. هن جو چوڻ هو ته قائداعظم ۽ علامه اقبال جي فڪر کي خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا ۽ آزاديءَ جي شهيدن جي قربانين عيوض اسان آزاد وطن جا رهواسي آهيون.