اسلام آباد – 08 (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اليڪشن ڪميشن طرفان نااھل ڪيل ميمبرن جي حوالي سان ايوان کي آگاھه ڪيو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اسپيڪر ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن عدالتي فيصلي جي روشني ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب خان، قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻ زرتاج گل، صاحبزاده حامد رضا، احمد چٺا، راءِ حسن نواز، راءِ حيدر علي کي نااھل قرار ڏئي ڇڏيو آھي.