اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر  طارق فضل چوڌري شهيد ميجر طفيل محمد (نشان حيدر) جي 67 ھين جي شھادت جي ڏھاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪيو آھي. پارلياماني معاملن واري وزارت طرفان جاري پنھنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو آھي ته ميجر طفيل محمد سخت زخمي ٿيڻ باوجود دشمن جو مقابلو جاري رکيو ۽ جنھن طريقي سان لڪشمي پور کان دشمن جي فوجن کي ناڪام بڻايو اھو اسان سڀني لاءِ فخر جوڳو آھي. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري وڌيڪ چيو ته اڄ به اسان جا جوان شھيدن جي نقش قدم تي ھلندي انھي جذبي سان دھشتگردي سميت ٻين چينلجز جو مقابلو ڪري رھيا آھن، مئي 2025ع ۾ جھڙي طرح معرڪه حق ۾ دشمن کي ميدان ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو ان تي سڄي دنيا پاڪستان جي فوج جي بھادري کي ساراھيو آھي.