اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جو اجلاس خميس ڏينهن صبح جو 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سوالن واري وقفي ۽ فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار جي قرارداد جي منظوري سميت ايجنڊا ۾ شامل ٻيا معاملا اڪلايا ويا. ان کانپوءِ قومي اسيمبليءَ جو اجلاس (اڄ) خميس جي صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.