اسلام آباد – 6 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي قومي خابرو اداري جي فنڊز ۾ گهپلن جو ميگا اسڪينڊل بي نقاب ڪيو آهي، ان معاملي کي پاڻ اڳتي وڌائيندس. هو سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ جي اجلاس ۾ سينيٽر سرمد علي پاران اٿاريل سوال تي ڳالهائي رهيو هو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت سينيٽر علي ظفر ڪئي. سينيٽر عرفان صديقي، سينيٽر پرويز رشيد، سينيٽر جان محمد بليدي، سينيٽر سيد وقار مهدي جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان، ايڊيشنل سيڪريٽري اشفاق خليل کانسواءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جا ٻيا عملدار پڻ اجلاس ۾ شريڪ هئا. سينيٽر سرمد علي اجلاس دوران سوال اٿاريو ته اي پي پي جي فنڊز ۾ گهپلن جو معاملو سامهون آيو آهي، اي آر سي ۽ پي ايف فنڊ ۾ 1.24 ارب رپين جي وڏي رقم جو قومي خزاني ۾ گهپلو ڪيو ويو آهي، اها مالي بدعنواني 6 کان وڌيڪ ملازمن جي هڪ منظم نيٽ ورڪ جي ذريعي ڪيترن ئي سالن (2019ع کان 2024ع) تائين جاري رهي. واضح ثبوتن، بشمول بئنڪ اسٽيٽمينٽس، آڊٽ رپورٽس ۽ ٻين مالي دستاويزن جي موجودگي جي باوجود اٽڪل هڪ سال گذرڻ کانپوءِ پڻ ايف آءِ اي هيستائين ايف آءِ آر داخل نه ڪئي آهي جيڪو ان اهم قومي نوعيت جي ڪيس ۾ دير کي ظاهر ڪري ٿو. سينيٽر سرمد علي جي سوال تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته اي پي پي جي ايم ڊي محمد عاصم کچي اي پي پي فنڊز ۾ گهپلن جي هڪ ميگا اسڪينڊل کي بي نقاب ڪيو آهي، ان معاملي کي آئون پاڻ اڳتي وڌائيندس. اجلاس کانپوءِ سينيٽر سيد وقار مهدي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اي پي پي فنڊز ۾ ميگا ڪرپشن جو سامهون اچڻ ڳڻتي جوڳو آهي، ايوان جي اندر به اهو معاملو اٿاريندس. هن چيو ته اي پي پي ۾ ڪرپشن ثابت ٿيڻ تي ايف آءِ اي پاران ڪيس داخل نه ڪرڻ تي حيرت آهي.