اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي)پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڀارت جي هڪ طرفن ۽ غير قانوني قدمن کي هڪ ڀيرو ٻيهر شديد مذمت ڪندي يوم استحصال جي موقعي تي ڪشميري عوام سان پاڪستان جي پُختي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي سهڪار جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ڪالهه بلاول هائوس جي ميڊيا سيل مان جاري پريس رليز موجب پ پ چيئرمين چيو ته 5 آگسٽ جو ڏينهن ڏکڻ ايشيا جي تاريخ جو هڪ ڪارو باب آهي، جڏهن 2019ع ۾ ڀارت ڄمون ڪشيمر جي آئيني حيثيت کي هڪ طرفي طور تي ختم ڪري نه صرف گڏيل قومن جي ٺهرائن پر ڪشميري عوام جي خواهشن کي به لتاڙي ڇڏيو. هن چيو ته گذريل 6 سالن دوران بي جي پي حڪومت والاريل ڪشمير ۾ نئين آبادي جي عزمن تي ٻَڌل پاليسي کي تيزيءَ سان لاڳو ڪيو آهي جنهن جو مقصد ڪشمرين جي سُڃاڻپ کي مٽائڻ، سندن آباديءَ جي شرح تبديل ڪرڻ ۽ کين سياسي طور تي بي اختيار بڻائڻ آهي. بلاول ڀٽو زرداري، ڪشمير ۾ تڪبندين ۾ غير منصفاڻي ڦيرڦار ڪرڻ، غير ڪشميرين کي ووٽر لسٽن ۾ شامل ڪرڻ ۽ ٻاهرين ماڻهن کي ڊوميسائل جاري ڪرڻ جهڙن قدمن جي مذمت ڪندي چيو ته اهي سمورا قدم والاريل ڪشمير کي ڪشميرين جي هٿن مان کسڻ جي سازش جو حصو آهن. هن وڌيڪ چيو ته هي صرف غير قانوني ئي نه پر پوري قوم هڪ قوم خلاف اڳرائي آهي. هن زور ڀريو ته يومِ استحصال نه صرف ڀارتي قدمن جي مذمت جو ڏينهن آهي پر هي موقعو آهي ته اسان پاڪستاني عوام طرفان ڪشميرين سان پنهنجي پُختي عزم ۽ اخوت جو ورجاءُ ڪريون. هن چيو ته پاڪستان جو عوام ۽ خاص طور تي پاڪستان پيپلز پارٽي، ڪشميري ڀائرن ۽ ڀيڻن سان گڏ بيٺل آهي ۽ اسان تيستائين سُک جو ساهه نه کڻنداسين جيستائين کين گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب خوداراديت وارو حق حاصل نٿو ٿئي. هن قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڪشمير ڪاز سان تاحيات وابستگي کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته اسان سندن ميراث کي اڳتي وڌائيندا رهنداسين ۽ اسان ڪشمير جي ماڻهن کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏينداسين. بلاول ڀٽو زرداري ڪشميري عوام جي جرئت ۽ مزاحمت کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته سندن جدوجهد صرف زمين جي ناهي پر سُڃاڻپ، انصاف ۽ آزاديءَ جي آهي، اها جدوجهد هر ان قوم لاءِ احترام جوڳي آهي جيڪا جمهوريت ۽ انساني وقار تي يقين رکي ٿي. بلاول ڀٽو ڪشمير جي مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ تي پاڪستان جي مستقل سفارتي ۽ حڪمتِ عملي جي ڪوششن تي فخر جو اظهار ڪيو. هن انهن ڪوششن پويان قومي يڪجهتي ۽ پُختي عزم کي خراجِ تحسين پيش ڪندي خاص طور تي ”آپريشن بنيان المرصوص“ جي شاندار ڪاميابيءَ کي اجاگر ڪيو جيڪو پاڪستان ۽ والاريل ڪشمير جي مظلوم عوام وچ ۾ گهري ۽ ناقابلِ شڪست رشتي جي هڪ روشن علامت آهي. هن عالمي برادري، انساني حقن جي تنظيمن ۽ مهذب دنيا کان مطالبو ڪيو ته هو والاريل ڪشيمر ۾ جاري ڀارتي ظلم تي پنهنجي خاموشيءَ کي ٽوڙين. هن چيو ته تاريخ انهن ماڻهن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي جيڪي پنهنجي اکين آڏو ٿيندڙ ظلم خلاف آواز اُٿاري سگهندا هئا پر چپ رهيا، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته دنيا ڪشميرين سان گڏ بيهي، ان کان پهرين جو وڌيڪ وقت، وڌيڪ عزتون ۽ وڌيڪ حياتيون ضايع ٿين.