اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته مودي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي نه صرف ڄمون ڪشمير جي ماڻهن خلاف سازش ڪئي پر گڏيل قومن جي ٺهرائن جي به سراسر ڀڃڪڙي ڪئي. پاڪستان، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ڪشمير تڪرار جو پُرامن حل چاهي ٿو. ڪالهه يومِ استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غير قانوني ۽ هڪ طرفي قدمن خلاف ڪشميرين جي خوداراديت واري حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ سندن قربانين کي خراجِ تحسين پيش ڪريان ٿي، 6 سال اڳ مودي حڪومت جي هڪ طرفي طور تي ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ آرٽيڪل 35 اي کي ختم ڪيو هو، ترميمن پويان بي جي پي سرڪار جو مقصد ڄمون ڪشمير جي خودمختياري ۽ خاص حيثيت ختم ڪرڻ هو. هن چيو ته مودي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع کي ان آرٽيڪلز کي ختم ڪري نه صرف ڄمون ڪشمير جي ماڻهن خلاف سازش ڪئي پر گڏيل قومن جي ٺهرائن جي به ڀڃڪڙ: ڪئي. ڪشمير جي غيرتمند عوام ڪڏهن به مودي حڪومت جي فاشست فيصلي کي قبول ناهي ڪيو ۽ ان جابرانه حڪومت خلاف مزاحمت جاري رکي آهي. شيري رحمان چيو ته اهو هڪ جارحاڻو عمل هو جيڪو ڪشميري عوام جي آواز کي دٻائڻ ۽ سندن حقن کان محروم ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو، مودي حڪومت انهن قدمن سان وڏي پيماني تي انساني حقن جون ڀڃڪڙيون به ڪيون جن ۾ وڏي پيماني تي گرفتاريون، مواصلاتي بليڪ آئوٽ ۽ شهرين تي وحشياڻي فوجي ڪريڪ ڊائون شامل آهي. هن چيو ته بي جي پي حڪومت جو جاري ڏاڍ جمهوريت انصاف ۽ انساني حقن جي اصولن جي سراسر ڀڃڪڙي آهي. ڪشمير جا بهادر ماڻهو ڪڏهن به بي جي پي جي جابرانه حڪومت جي اڳيان نه جهڪيا آهن ۽ نه ئي ڪڏهن ڀارتي قبضي کي تسليم ڪندا. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل بابت ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ڪشمير جي تڪرار جو پُرامن حاصل چاهي ٿو، پاڪستان ان منصفاڻي مقصد ۾ پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي جائز حقن جي حاصل ٿيڻ تائين سندن هميشه ڀرپور حمايت ۽ يڪجهتي جاري رکندو.