اسلام آباد-05 آگسٽ(اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو آهي ته ڀارت ڪشميرين جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، ڪشميري نوجوانن جون گرفتاريون ۽ ميڊيا تي پابنديون مذمت جوڳيون آهن، پاڪستان ڪشميرين جي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. يوم استحصال ڪشمير جي ڏهاڙي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته ڀارت جو 5 آگسٽ 2019ع جو قدم عالمي قانون جي کليل ڀڃڪڙي آهي، ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڇڪڙيون دنيا جي اکين آڏو ٿي رهيون آهن. هن چيو ته ڀارت، ڪشميرين جي سڃاڻپ، زمين ۽ آزادي تي حملو ڪيو جڏهن ته والاريل ڪشمير هڪ کلي جيل ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. ڀارت ڪشميرين جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، هن چيو ته ڪشميري نوجوانن جون گرفتاريون ۽ ميڊيا تي پابنديون مذمت جو ڳيون آهن. دنيا ظلم جي ان ڪاري باب تي خاموش تماشائي نه بڻجي. هن چيو ته آزادي جي تڙپ ظلم جي زنجيرن کان نٿي ڊيڄاري سگهي. پاڪستان هر فورم تي ڪشميرين جو ڪيس وڙهندو رهندو. هن چيو ته ڪشميرين کي حق خوداراديت ملڻ گڏيل قومن جي قراردادن جي گهرج آهي، پاڪستان هر وقت ڪشميرين سان گڏ آهي.