اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر سان سيانا گروپ يو ايس اي جي چيئرمين محمد اشرف قاضي ۽ نيشنل اسٽيل ڪامپليڪس لميٽيڊ جي چيئرمين ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي، گڏيل ڪاروباري سهڪار، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن ۽ آئرن اوور جي روانگي واپار جي امڪانن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. هارون اختر ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ۾ آئرن ۽ اسٽيل جي شعبي ۾ بي پناهه موقعا موجود آهن ۽ اسٽيل انڊسٽريءَ جي بحالي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. هن خاطري ڪرائي ته حڪومت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي ۽ پرڏيهي ۽ مقامي سيرپڪاريءَ جي حوصلا افزائي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته اسٽيل سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري پاڪستان جي صنعتي ترقيءَ لاءِ نهايت اهم آهي ۽ حڪومت سيڙپڪار دوست ماحول بنائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي.