اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ڀارت پنهنجي پراڪسيز ذريعي پاڪستان خاص ڪري بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ ۾ ملوث آهي، اسان جهڙيءَ طرح متحد ٿي تازي جنگ ۾ ڀارت کي شڪست ڏني، مستقبل ۾ به اسان کي ان اتحاد جي ضرورت آهي. ڪالهه قومي اسيمبليءَ ۾ پنهنجن خيالن جو اظاهر ڪندي هن چيو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي ڏاڍ جي مذمت ڪريون ٿا، اسان جون دليون ۽ جذبا اسان ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن سان آهن، ڀارت ظالم آهي ۽ پنهنجي ظلم کي جاري رکڻ لاءِ ڀارت پاڪستان ۾ ڪيترائي محاذ کوليا ته جيئن ڪشمير مسئلي کي پوئتي رکي سگهجي. هن چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ ۾ ڀارت ۽ ڀارتي ايجنسيون ملوث آهن، ڀارت ڪراچيءَ ۾ به پڻ محاذ کولي رکيا آهن، ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ ڪراچي ۾ فنڊنگ ڪئي هئي. هن چيو ته تازي جنگ ۾ فتح تي فيلڊ مارشل عاصم منير، پاڪ فضائيه ۽ پاڪ بحريه جي سربراهن، پاڪستاني فوج، حڪومت، سمورين سياسي پارٽين ۽ پوري قوم جنهن مثالي اتحاد جو مظاهرو ڪيو انهن تي کين مبارڪون ڏيان ٿو. الله تعاليٰ ان اتحاد کي قائم ۽ـ دائم رکي. هن چيو ته ڀارت ۾ ڪو واقعو ٿئي ٿو ته الزام سڌيءَ ريت پاڪستان تي لڳايو ويندو آهي، اسان کي ڀارتي دهشتگرديءَ کي بي نقاب ڪرڻو پوندو، اسان کي پنهنجي نوجوانن کي آگاهه ڪرڻو پوندو ته ڀارت اسان جو دشمن آهي، ڀارت خلاف پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ شيهي جي ديوار جيان بيٺل آهي. ڀارت کي شڪست جو مُنهن ڏسڻو پيو ۽ هاڻ ان کي اندروني ۽ عالمي سطح تي مسلسل ناڪاميءَ جو مُنهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، اسان کي پنهنجي اندروني اختلافن کي وِساري اڳتي وڌڻ گهرجي.