اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي)قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ هڪ طرفي قدمن کي رد ڪندي چيو آهي ته مودي ڪشميرين، ڀارتي مسلمانن ۽ انسانيت جو قاتل آهي، مودي جو تڪبر پاڪستان ٽوڙيو آهي، پاڪستان جو عوام ڪشميرين سان گڏ آهي، ڪشمير تڪرار  حل ٿيڻ کانسواءِ خطي ۾ امن جو قيام ناممڪن آهي، گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ڪشميرين کي خوداراديت وارو حق ڏنو وڃي. ڪالهه قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ يومِ استحصال ڪشمير جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتيءَ جي اظهار جي قرارداد تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي مملڪتي وزير کيسومل کيلداس چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت هڪ طرفي قدم کنيا، پر ان وقت جي حڪومت ان حوالي سان ٺوس مؤقف اختيار نه ڪيو، تازي اڳرائيءَ کان پوءِ ڀارت اڪيلائپ جو شڪار آهي، مودي ڪشميرين، ڀارتي مسلمانن ۽ انسانيت جو قاتل آهي، مودي جو تڪبر پاڪستان ٽوڙيو آهي، پاڪستان جو عوام ڪشميرين سان گڏ آهي، پي ٽي آءِ باني سان ناهي، عوام سندس ڏڦيڙ، فساد ۽ احتجاج کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر روشن چيو ته والاريل ڪشمير عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري علائقو آهي، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع ۾ ان جي حيثيت تبديل ڪئي جيڪا مذمت جوڳي آهي، پاڪستان جون سموريون اقليتون ۽ پوري پاڪستاني قوم ڪشميري سان گڏ آهي، ڀارت جي قبضي هيٺ والاريل ڪشمير ۾ ڏاڍ ۽ جبر جاري آهي. هن چيو ته پاڪستان هميشه ڪشمير تڪرار عالمي فورمز تي اجاگر ڪيو آهي، ڀارت اسان تي جنگ مڙهي ۽ ان کي مُنهن جي کائڻي پئي، پاڪستاني فوج ڀارت کي مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو، موديءَ جو غرور مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. راجا پرويز اشرف چيو ته يومِ استحصال جي حوالي سان سينيٽ طرفان اتفاق راءِ سان قرارداد جي منظوري سٺو سنوڻ آهي. سمورا پاڪستاني ڪشمير جي مسئلي تي هڪ آهن ۽ مڪمل طور تي هم آهنگي  آهي، ڪشميرين جي آزاديءَ واري جدوجهد جي هميشه حمايت ڪئي آهي ۽ ڪندو رهندو. هن چيو ته ڀارت غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي هڪ طرفي طور تي آئيني ۽ قانوني حيثيت تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڪشميرين جي آزاديءَ واري جدوجهد تي ان جو اثر نه پوندو پر ان سان ڀارت جو چهرو بي نقاب ٿي ويو آهي. هن چيو ته ڪشمير تڪرار حل ٿيڻ کان سواءِ خطي ۾ امن جو قيام ناممڪن آهي، گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ڪشميرين کي خوداراديت وارو حق ڏنو وڃي، ڀارت هٺ ڌرمي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، ڪشمير مسئلي تي پ پ جو مؤقف واضح آهي، اسان جمهوريت ۽ آئين لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، پاڪستاني فوج ملڪ جي تحفظ لاءِ تيار آهي، اسان پُرامن قوم آهيون، جيڪڏهن اسان تي جنگ مڙهي وئي ته مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو. شاهده اختر علي چيو ته ڀارت هڪ طرفي ۽ غير قانوني قدمن خلاف اڄ يومِ استحصال ملهائي رهيا آهيون، ڀارت جو غير آئيني ۽ هڪ طرفي قدم مذمت جوڳو آهي، ڪشميرين کي گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق خوداراديت وارو حق ڏنو وڃي، ڪشمير جي خاص حيثيت برقرار رکي وڃي. قومي اسيمبليءَ مان منظور ڪيل قرارداد جي حمايت ڪريون ٿا. سحر ڪامران چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي هڪ طرفي قدمن کي رد ڪريون ٿا، ڪشميرين کي سندن جائز خوداراديت وارو حق ملڻ گهرجي.  قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن ثناءُ الله مستي خيل، حميد حسين، مخدوم جميل الزمان ۽ـ محمد اسلم گهمڻ به قرارداد تي بحث ۾ حصو ورتو ۽ ڀارتي ڏاڍ ۽ اڳرائي ۽ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ هڪ طرفي قدمن جي مذمت ڪئي.