بيجنگ – 2 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي دوري دوران اڄ (اڱاري ڏينهن) چين جي صدر شي جن پنگ سميت مُختلف اڳواڻن سان مُلاقات ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم بيجنگ ۾ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم بيجنگ جي مقامي اسپتال جو دورو پڻ ڪندو. بيان موجب وزيراعظم جي چين جي نمايان ڪاروباري ماڻهن سان ملاقاتون پڻ متوقع آهن.