اسلام آباد- 2 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ناليواري اداڪار انور علي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر آصف علي زرداري ناليواري انور علي جي فني خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته تفريح جي ميدان ۾ انور علي جو ڪردار هميشه ياد رکيو ويندو. صدر مرحوم جي خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ انهن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.