بيجنگ- 2 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو اظهار ڪندي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ترقي جي عظيم سفر ۾ چين سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته صدر شي جن پنگ چيو آهي ته سي پيڪ پنهنجي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، چين اقتصادي ترقي جي سڀني شعبن ۾ پاڪستان جي مدد جاري رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف بيجنگ ۾ عظيم عوامي هال ۾ عوامي جمهوريه چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي. بيان موجب انتهائي خوشگوار ماحول ۾ ٿيندڙ مُلاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مضبوط ۽ وقت جي هر آزمائش تي پُورو لهندڙ اسٽريٽجڪ تعاون واري ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم صدر شي جن پنگ کي تيانجن ۾ شنگھائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سربراهن جي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني ۽ فاشزم خلاف جنگ ۾ عظيم فتح جي 80هين سالگرهه تي مبارڪباد ڏني. صدر شي جن پنگ جي دور انديش قيادت جنهن چين کي جديديت ۽ ترقي جي بلندين تي پهچايو آهي جي واکاڻ ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي چين جي ڪاميابين تي تمام گهڻو فخر آهي ۽ هن عظيم سفر تي چين سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ سدائين تيار آهي.وزيراعظم پاڪستان جي علائقائي سالميت، خودمختياري ۽ سماجي- اقتصادي ترقي لاءِ چين جي لڳاتار حمايت جي واکاڻ ڪئي. هن صدر شي جن پنگ جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو (بي آر آءِ) جي هڪ اهم منصوبي جي طور تي چين-پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي اهميت کي ساراهيو ۽ سي پيڪ جي ايندڙ مرحلي جنهن ۾ وڌيڪ پنجن لنگهن جو اضافو ڪيو ويو آهي جي ڪامياب عملدرآمد لاءِ چين سان گڏ ڪم جاري رکڻ جي خواهش کي ورجايو، انهي قدمن سان ٻنهي ملڪن کي هڪ گڏيل مستقبل لاءِ پاڪستان-چين لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ملندي.وزيراعظم گهڻ طرفي نظام کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ صدر شي جن پنگ جي مضبوط عزم جي واکاڻ ڪندي چيو ته پاڪستان صدر شي جن پنگ جي تاريخي قدمن جي مڪمل حمايت ڪري ٿو، جن ۾ گلوبل گورننس انيشيئيٽو، گلوبل ڊولپمينٽ انيشيئيٽو، گلوبل سيڪيورٽي انيشيئيٽو ۽ گلوبل سولائيزيشن انيشيئيٽو شامل آهن. وزيراعظم چيو ته اهي قدم گڏيل عالمي ڀلائي لاءِ ضروري آهن ۽ علائقائي ۽ عالمي امن، استحڪام ۽ ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندا. صدر شي جن پنگ چيو ته چين اقتصادي ترقي جي سڀني شعبن ۾ پاڪستان جي مدد جاري رکندو، خاص طور تي جڏهن سي پيڪ پنهنجي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽ پاڪستان جي اهم ترين اقتصادي شعبن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ منفرد ۽ بي مثال لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي اتفاق ڪيو ته ان جي عڪاسي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ذريعي ٿيڻ گهُرجي. ٻنهي اڳواڻن اهم علائقائي ۽ عالمي ترقي تي بحث ڪندي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ويجهي تعاون جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو. وزيراعظم صدر شي جن پنگ کي پاڪستان-چين دوستي جي 75هين سالگرهه جي موقعي تي ايندڙ سال پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي پنهنجي مخلصاڻي دعوت کي پُڻ ورجايو.