بيجنگ-05 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته زيڊ ٽي اي پاڪستان ۾ نوجوانن لاءِ هڪ جامع ۽ ملڪ گير ڊجيٽل اسڪلز تربيت جي شروعات ڪندي. بيجنگ ۾ واقع عالمي ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپني زيڊ ٽي اي جي هيڊ ڪوارٽر ۽ جديد ترين نمائشي هال جو دؤرو ڪيو. دؤري دوران وفاقي وزير ڪمپني جي جديد ٽيڪنالاجيءَ تي ٻَڌل شين جو مشاهدو ڪيو ۽ زيڊ ٽي اي جي 40هين سالگره جي موقعي تي ڪيڪ ڪاٽيو. ان موقعي تي وفاقي وزير ٻُڌايو ته چين جي سرڪاري دؤري دوران زيڊ ٽي اي سان هڪ تاريخي ڀائيواري قائم ڪئي وئي آهي، جنهن جي باضابطه شروعات وزيراعظم شهباز شريف جي ايندڙ مهيني متوقع چين جي دؤري دوران ڪئي ويندي. وفاقي وزير چيو ته زيڊ ٽي اي جو پاڪستان ۾ تربيتي پروگرام، ملڪ کي ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل معيشت طرف وٺي وڃڻ ۾ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو.هن چيو ته هي پروگرام نوجوانن کي مستقبل جي گهرجن موجب ڊجيٽل مهارتون فراهم ڪندو جيڪو نه صرف انفرادي ترقي جو ذريعو بڻجندو پر قومي معيشت کي هٿي ڏيڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو. ڪمپني پنهنجو اٺون عالمي ٽريننگ سينٽر پاڪستان ۾ قائم ڪندو. اهو ٽرينگ سينٽر پاڪستان جي نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي جي عملي تربيت فراهم ڪندو. ڀائيواريءَ جو مرڪز ٽيڪنالاجي جي منتقلي، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ جٽادار ترقي هوندو، جيڪو سي پيڪ فيز ٽو جو بنيادي هدف آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان جا نوجوان دنيا جي ڪنهن به قوم کان گهٽ ناهن ۽ جيڪڏهن کين جديد ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ موقعا فراهم ڪيا وڃن ته هو قومي ترقيءَ جو چهرو بدلائي سگهن ٿا.