اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي) قومي ثقافت ۽ ورثي بابت وفاقي وزير اورنگزيب کچي چيو آهي ته 5 آگسٽ ڪشميرين جي حقن کي لتاڙڻ جو ڪارو ڏينهن آهي. وفاقي وزير يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي عالمي قانونن جي کُليل ڀڃڪڙي ڪئي ۽ ڪشميرين تي ڀارتي ڏاڍ انسانيت جي برداشت کان ٻاهر آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته والاريل ڄمون ڪشمير ۾ غير قانوني قدمن جو مقصد مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي. هن چيو ته ڀارت جا غاصباڻا قدم گڏيل قومن جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي آهن. عالمي برادري ڀارتي ڏاڍ ۽ ڪاري قانون جو نوٽيس وٺي. اورنگزيب خان چيو ته ڀارت طرفان ثقافتي محاذ تي به ڪشميري سُڃاڻپ کي مٽائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون آهن. هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شه رڳ آهي، پاڪستاني قوم ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي.