اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته گڏيل قومن جا ٺهراءَ ڀارتي آئين ۾ ڦيرڦار ڪرڻ سان تبديل نه ٿيندا، پاڪستان ڪشميرين جي جدوجهد کي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جو پنهنجو فرض سمجهي ٿو ۽ اهو حق ادا ڪندو رهندو. يومِ استحصال ڪشمير تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت طرفان غير قانوني طور قبضو ڪشمير جي خاص آئيني حيثيت ختم ڪرڻ وارو قدم قرار ڏنو ويو، جمهوريت جي نام نهاد علمبردار جي ان قدم کي 6 سال مڪمل ٿي چڪا آهن، 5 آگسٽ والاريل ڄمون ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو باب آهي. سردار محمد يوسف چيو ته 1947ع کان ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد جاري آهي، ڪشميرين پاڪستان بڻجڻ کان اڳ پاڪستاني هئڻ جو نعرو لڳايو هو، ڪشميرين جي راءِ موجب ڪشمير تڪرار حل هئڻ گهرجي ۽ ان حوالي سان سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي عمل هئڻ گهرجي. هن چيو ته اسان مطالبو ڪريون ٿا ته ڪشمير جي حوالي سان گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عمل هئڻ گهرجي. هن او آءِ سي کان اپيل ڪئي ته هو عملي طور تي مظلوم مسلمانن جي ڀرپور نمائندگي ڪري ۽ عملي قدم کڻي.