اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته مون تي تنقيد ڪرڻ ميمبرن جو حق آهي، جڏهن ته مان جواب نه ڏيندس، جيڪڏهن مسئلا حل ڪرڻا آهن ته سڀني کي گڏجي ويهڻو پوندو. قومي اسيمبليءَ ۾ ريمارڪس ڏيندي اسپيڪر چيو ته محمود خان اچڪزئي مون مٿان حملا ڪيا، نه مون جواب ڏنو نه اوهان کي جواب ڏيندس، مون تي تنقيد ڪرڻ اوهان جو حق آهي، اوهان جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن اهي وزيراعظم به ڪيون آهن، جيڪڏهن مسئلا حل ڪرڻا آهن ته سڀني کي گڏجي ويهڻو پوندو. ان کان اڳ مخالف ميمبر محمود خان اچڪزئي چيو ته اسان کي هڪٻئي کي معاف ڪري هڪ نئين سياست جي شروعات ڪرڻ گهرجي.