اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام ريفارمز تي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب اجلاس ۾ ايس اي پي ايم طارق باجوه، آءِ ٽي واري سيڪريٽري، ڊي جي ايس آءِ ايف سي ۽ سيڙپڪاري بورڊ، واپار واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي عملدارن شڊرڪت ڪئي. ان موقعي تي آءِ ٽي سيڪٽر جي سڌارن جو جائزو ورتو ويو جنهن جو مقصد ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر جي ترقي، جدت طرازي جو فروغ ۽ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ سان گڏوگڏ پاڪستان جي ڊيجيٽل معيشت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ مناسب ماحول جي جوڙجڪ هو.