راولپنڊي-05 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف کي ترڪيه جي اعليٰ عسڪري اعزاز لچن آف ميرٽ آف دي ترڪ آرمڊ فورسز ڏنو ويو. ترڪيه جي نيول فورسز جي هيڊ ڪوارٽرز پهچڻ تي پاڪ بحريه جي سربراهه کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف ترڪ نيول فورسز جي ڪمانڊر سان اهم ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سامونڊي سهڪار ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ڪئي. گذريل ڏينهن پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) پاران جاري ڪيل بيان موجب ترڪيه جي سرڪاري دؤري دوران نيول چيف، ترڪيه جي بچاءَ واري وزير، چيف آف جنرل اسٽاف ۽ ڪمانڊر ترڪش نيوي فليٽ سان ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ علائقائي ميري ٽائيم سيڪيورٽي، دفاعي ڀائيواري، گڏيل مشقن ۽ تربيتي صلاحيتن کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو ويو. پاڪ بحريه جي ملجم پراجيڪٽ جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڪ بحريه جي سربراهه استنبول نيول شپ يارڊ جو پڻ دؤرو ڪيو. گولچڪ نيول بيس جي دؤري جي موقعي تي ايڊمرل نويد اشرف آبدوزن جي تعميراتي صلاحيتن جو به مشاهدو ڪيو. نيول چيف ترڪش جهاز ۽ ترڪ بحريه جي ڪيترن ئي نيول ٺڪاڻن جو دؤرو ڪيو ۽ مصطفيٰ ڪمال اتارڪ جي مزار تي گل رکيا. پاڪ بحريه جي سربراهه جي ترڪيه جي دؤري سان ٻنهي برادر ملڪن وچ ۾ سامونڊي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ملندي.