اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي فروغ جي حوالي سان ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو ا ظهار هن پنهنجي صدارت ۾ سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائيز ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ننڍي ۽ وچولي درجي جون صنعتون ملڪي ترقي ۽ معيشت ۾ اهم مقام رکن ٿيون، حڪومت ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي فروغ جي حوالي سان ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي. اجلاس کي سميڊا ۾ سڌارن ۽ سميڊا پاران کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي 3 ڪروڙ رپيا ساليانو تائين ڪاروبار ڪندڙ ڪمپنين کي مائيڪرو انٽر پرائيزز جو درجو ڏئي سميڊا جي دائري ۾ شامل ڪيو ويو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وومين انٽر پرينيورشپ پاليسي جو مسودو تيار آهي جنهن کي جلد وفاقي ڪابينا ۾ منظوري جي لاءِ پيش ڪيو ويندو جڏهن ته سميڊا عورتن جي لاءِ خصوصي ڊيجيٽل پورٽل جلد جاري ڪيو پيو وڃي. ان کانسواءِ سميڊا جي ڪريڊٽ اسڪورنگ ماڊل جي جوڙجڪ، روانگي واپار ۾ اضافي جي حڪمت عملي ۽ ايس ايم اي جي سب ڪنٽريڪٽنگ جي قانوني فريم ورڪ تي ڪم کي آئوٽ سورس ڪيو ويو آهي. بريفنگ موجب سميڊا ڳڻپ واري وفاقي اداري جي مدد سان معيشت جي 20 شعبن جي سروي ڪرائي رهيو آهي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر توقير شاهه، وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص معاون هارون اختر، قومي اسيمبلي ميمبر نوشين افتخار، چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي چيف سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.