اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل عرب امارات ۽ ان جي ادارن پاران سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ سيڙپڪاري جي پورٽ فوليو جي ترقي جي لاءِ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب اجلاس ۾ ناڻي واري وزارت، توانائي، پيٽروليم، اقتصادي معاملن، پرڏيهي معاملن، ايس آءِ ايف سي، پنجاب انرجي ڊپارٽمينٽ، فوجي فائونڊيشن ۽ اٽارني جنرل برانچ جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد جي لاءِ گڏيل عرب امارات مان سيڙپڪاري جي وهڪري کي آسان بڻائڻ ۽ تيز ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي شعبن جي نشاندهي، اهم چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ ايجنسين جي وچ ۾ رابطاڪاري کي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڊگهي مدي واري اقتصادي تعاون جي فروغ ۽ پاڪستان جي سيڙپڪاري جي مڪمل صلاحيت جو ادراڪ ڪرڻ تي حڪومت جي ڌيان تي زور ڏنو.