اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پائيدار ترقياتي هدفن جي تڪميل جي پروگرام جي 47هين اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس جو مرڪزي نقطو ايس ڊي جيز تحت ترقي جي عمل کي اڳتي وڌائڻ هو جيڪو هڪ عالمي قدم آهي جنهن جو مقصد محروم طبقن کي بنيادي ڍانچي ۽ ضروري خدمتن تائين بهتر پهچ جي ذريعي بااختيار بڻائڻ آهي. پرڏيهي آفيس جي پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير قومي ترقي کي پائيدار ترقياتي هدفن سان هم آهنگ ڪرڻ جي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ اهڙي جامع ترقياتي عمل تي زور ڏنو جيڪو پٺتي پيل آبادين جي بنيادي ضرورتن کي نظر ۾ رکندو هجي.