ڪراچي-05 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي توانائي ۽ رٿابندي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه، بلديات واري وزير سعيد غني، ثقافت ۽ سياحت واري وزير سيد ذوالفقار علي شاهه چيو آهي ته فيلڊ مارشل جنرل سيد عاصم منير جي قيادت هيٺ تازو پاڪ – ڀارت حق جي ويڙهه ۾ ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو ۽ انشاءَالله جلد ئي اسان ڪشميرين کي سندن خود اراديت جو حق ڏياري ڇڏينداسين. ڪشمير جو ڪيس انصاف ۽ انسانيت جو ڪيس آهي. اڄ ڀارت پوري دنيا ۾ رسوائيءَ جو شڪار آهي ۽ انشاءَالله جلد ئي گڏيل قومن جي قراردادن مطابق ڪشمير بابت فيصلا ٿيندا. ايندڙ سال 5 آگسٽ 2026 تي جڏهن اسين گڏ ٿينداسين ته ڪشمير جي حالتن ۾ وڏي تبديلي اچي چڪي هوندي. انھن خيالن جو اظھار هنن پيپلز چوڪ کان قائد اعظم جي مزار تائين نڪتل ريلي جي پڄاڻي تي خطاب دوران ڪيو. ريلي کي والاريل ڪشمير جي حريت اڳواڻ ايڊووڪيٽ پرويز احمد، پ پ پ جي لال چند اُڪراڻي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. بلديات واري وزير سعيد غني خطاب ڪندي چيو ته اسين هر سال 5 آگسٽ کي ڀارتي جارحيت ۽ اقوام متحده جي قراردادن جي ڀڃڪڙي خلاف يوم استحصالِ ڪشمير طور ملهايون ٿا ۽ پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان اظهارِ يڪجهتي ڪريون ٿا. هن چيو ته جڏهن اسين 2024ع ۾ اهو ڏينهن ملهائي رهيا هئاسين، تڏهن ايترو پراميد نه هئاسين، پر هاڻ 2025 ۾ جڏهن اسين اهو ڏينهن ملهائي رهيا آهيون ته اميدن جا جذبا تمام گهڻا آهن، ڇاڪاڻ ته 10 مئي تي پاڪستاني فوج هٿان ڀارت کي جيڪا ذلت ملي، اها دنيا ڏسي چڪي آهي ۽ انشاءَالله ايندڙ سال تائين ڪشمير جي صورتحال اڄ کان وڌيڪ بهتر ٿيندي. سعيد غني چيو ته گجرات جو قاصائي مودي اڳ ڪشمير جي مسئلي تي ڳالهائڻ لاءِ تيار ئي نه هو، پر پاڪ-ڀارت جنگ کانپوءِ هاڻ هو ڪشمير تي ڳالهائڻ لاءِ مجبور ٿي ويو آهي. هن چيو ته اسين عالمي برادري کي واضع پيغام ڏيون ٿا ته اسين ڪڏهن به ڪشمير جي ورهاڱي کي قبول نه ڪنداسين. توانائي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته انشاءَالله جلد ئي والاريل ڪشمير مان ظلم جو خاتمو ٿيندو. هن چيو ته الله جي مدد، پاڪ فوج جي مهارت ۽ قوم جي جذبي سان ڪاميابي ملي ۽ اسين پنهنجن ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن کي سندن مرضي موجب آزادي ڏياري ڇڏينداسين. هن چيو ته پاڪستان اسان لاءِ سڀ کان اهم آهي ۽ ڪشميرين سان اسان جو رت جو رشتو آهي. هن عالمي برادري کي ياد ڏياريو ته جيئن غزه ۾ ظلم نظر اچي ٿو، تيئن ڪشمير جو ظلم به نظر اچڻ گهرجي. هن چيو ته مڪمل حريت قيادت جيلن ۾ آهي، پر ڪشميرين جا جذبا اڄ به زنده آهن. هن چيو ته مودي جي قيادت هيٺ خطي ۾ بربريت هلي رهي آهي، جنهن کي پاڪستاني فوج ۽ بلاول ڀٽو عالمي سطح تي بي نقاب ڪيو آهي. اسين ڪشميرين جو ڪيس به دنيا ۾ وڙهندا رهنداسين. ثقافت واري وزير سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته 5 آگسٽ 2019 وارو ڏينهن پاڪستاني عوام ڪڏهن به نٿو وساري سگهي. هن چيو ته اقوام متحده کي ڪشميرين جو آواز ڇو نٿو ٻڌڻ ۾ اچي؟ جيئن غزه ۾ ظلم ٿي رهيو آهي، تيئن ڀارت معصوم ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ڀارت جو اصلي چهرو عالمي سطح تي نروار ڪيو آهي، ۽ انشاءَالله ڪشمير جي مسئلي تي به ڀارتي جارحيت کي بي نقاب ڪندو. هن چيو ته ڪشمير جون حسين واديون جلد پاڪستان ۾ شامل ٿينديون. حريت اڳواڻ ايڊووڪيٽ پرويز احمد چيو ته هو آل پارٽيز حريت ڪانفرنس طرفان سنڌ حڪومت جو ٿورائتو آهي، جيڪا هر سال وانگر هن سال به ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ سڄي صوبي ۾ پروگرام منعقد ڪري رهي آهي ۽ ڪشميرين جي آواز کي عالمي سطح تي آندو آهي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيو هو ته ڪشمير اسان جي رت ۾ شامل آهي ۽ جيڪڏهن هزار سال به وڙهڻو پوي ته اسين وڙهنداسين. هن چيو ته 5 آگسٽ جو ڏينهن ڪشمير جي تاريخ جو بدترين ڏينهن هو، جڏهن ڪشمير جي خاص حيثيت کي ختم ڪيو ويو ۽ ڪشميرين کان سندن سڃاڻپ ۽ خود ارادي جو حق کسيو ويو. ايڊووڪيٽ پرويز احمد چيو ته ڀارتي آپريشن سندور جي جواب ۾ پاڪ فوج جي “بنيان مرصون” آپريشن ڀارت کي جهڪايو ۽ 70 سالن کانپوءِ ڪشميرين جا حوصلا ٻيهر بلند ٿيا آهن. هن چيو ته ڀارت 80 لک ڪشميرين تي 10 لک فوجي مسلط ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي سفارتي ڪوششن سان پوري دنيا ۾ پاڪستان جو موقف مظبوط نموني پيش ٿيو آهي، جنهن تي سڄي ڪشميري قوم کيس خراج تحسين پيش ڪري ٿي. هن آخر ۾ چيو ته “اسين پاڪستاني آهيون، پاڪستاني رهنداسين ۽ پاڪستان سان گڏ ئي هلنداسين.” ريلي ۾ وڏي وزير جي خاص مددگار سليم بلوچ، سرفراز راڄڙ، ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي، ڪلثوم چانڊيو، اويس شاهه، بورڊ آف ريونيو جي سينيئر ميمبر سيد خالد حيدر شاهه، ڊي سي ايسٽ ابرار جعفر، غلام محمد ۽ ٻيا پڻ شريڪ هئا. ريلي جي رستن تي ڪشمير ۽ پاڪستان جا جهنڊا لڳايا ويا هئا. شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ ڪشميري حريت پسندن جون تصويرون کنيون هيون. شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي انگ پڻ ريلي ۾ شرڪت ڪئي.