اسلام آباد- 01 آگسٽ (اي پي پي) يورپي يونين جي ملڪن ڏانهن ڪيل قومي روانگي واپار ۾ گذريل مالي سال 25-2024ع دوران 7.44 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. مالي سال 24-2023ع دوران يورپي ملڪن ڏانهن ڪيل روانگي واپار ۾ 3.12 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي هئي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي انگن اکرن موجب گذريل مالي سال ۾ جولاءِ 2024ع کان جون 2025ع دوران يورپي مارڪيٽن تائين روانگي واپار جي ماليت 8.863 ارب ڊالرن تائين پهچي وئي، جڏهن ته مالي سال 24-2024ع دوران يورپي ملڪن ڏانهن روانگي واپار جي مد ۾ 8.249 ارب ڊالرن جو پرڏيهي مٽاسٽا جو ناڻو ڪمايو ويو هو. اهڙي طرح مالي سال 24-2023ع جي ڀيٽ ۾ مالي سال 25-2024ع جي دوران يورپي يونين جي ملڪ ڏانهن ڪيل روانگي واپار ۾ 0.614 ارب ڊالرن يعني 7.44 سيڪڙو جو واڌارو رڪارڊ ٿيو آهي.