گڏيل قومون-01 آگسٽ (اي پي پي) روس- يوڪرين جنگ ۾ چين جي ڪردار بابت آمريڪي الزامن کي چين رد ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن ۾ آمريڪي نمائندي يوڪرين تي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ چين تي الزام لڳايو ته هو روس جي جنگي ڪاررواين ۾ سڀ کان اهم سپلائر آهي. ان جي جواب ۾ گڏيل قومن ۾ چين جي نائب مستقل نمائندي گينگ شوانگ آمريڪا طرفان چين خلاف ڪوڙي ۽ توهين واري بيانيي کي مڪمل طور تي ناقابل قبول قرار ڏنو، هن چيو ته چين نه ته يوڪرين جي جنگ شروع  ڪئي۽ نه ئي اهو ان جي ڌر آهي. هن چيو ته چين ڪڏهن به ان جنگ ۾ ڪنهن ڌر کي خطرناڪ هٿيار فراهم ناهن ڪيا ۽ ڊرون سميت ٻٽي استعمال جي شين جي ايڪسپورٽ تي سختي سان ڪنٽرول ڪيو آهي. هن چيو ته جنگ ۾ ڌرين تي سلامتي ڪائونسل جي ڪا به پابندي لاڳو ناهي. چين جا روس ۽ يوڪرين سان واپاري لاڳاپا معمول موجب آهن، ائين ڪرڻ سان هو عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي يا عالمي ذميوارين جي خلاف ورزي نٿو ڪري. چين جي جائز حقن ۽ مفادن جي خلاف ورزي نه ٿيڻ گهرجي. حقيقت ۾ هن وقت تائين آمريڪا روس سان پنهنجي واپار کي برقرار رکيو آهي، جيڪڏهن آمريڪا پاڻ ايئن ڪري رهيو آهي ته هو ٻين کي به ائين ڪرڻ جي اجازت ڇو نٿو ڏي؟ هن چيو ته يوڪرين جو بحران هن وقت نازڪ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، جتي سياسي حل جون اميدون ۽ امڪان روشن آهن. اهڙي ۾ اهو مناسب ناهي ته آمريڪا هڪ طرف چين کان مطالبو ڪري ته هو تڪرار جي جلد حل لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري ۽ ٻي پاسي پاڻ ئي چين کي بدنام ڪرڻ ۽ ان تي دٻاءُ وجهڻ جو رويو اختيار ڪري. هن چيو ته چين هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا تي زور ڀري ٿو ته هو پنهنجي بي مقصد الزام تراشي جي راند بند ڪري، پنهنجون ذميواريون ٻين تي اڇلڻ کان پاسو ڪري ۽ جنگ جي خاتمي ۽ امن ڳالهين کي هٿي وٺرائڻ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪري.