رياض – 01 آگسٽ (اي پي پي)سعودي عرب ڪينيڊا ۽ مالٽا طرفان فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جي اعلان جي آجيان ڪندي ٻين ملڪن تي ان جي پيروي ڪرڻ تي زور ڀريو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق ٻنھي ملڪن طرفان چيو ويو آھي ته ھو ايندڙ مھيني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا. سعودي عرب جي پرڏيھي وزارت ايڪس تي بيان ۾ چيو ته مملڪت ٻه رياستي حل جي استحڪام جو سبب بڻجڻ وارن اھڙن ھاڪاري فيصلن کي ساراھي ٿو. سعودي عرب ٻين ملڪن کان امن جي حمايت تي ٻڌل اھڙن سنجيده قدمن لاءِ پنھنجي مطالبي جو ورجاءُ ڪري ٿو.