ماسڪو – 01 آگسٽ (اي پي پي) روس ۽ چين جي سامونڊي مشق ميري ٽائيم ڪوآپريشن-2025ع جي افتتاحي تقريب روس جي اوڀر واري شهر ولادي ووستڪ ۾ منعقد ٿي، مشق 3 کان 5 آگسٽ تائين جاپاني سمنڊ ۾ ٿيندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق روس جي پيسفڪ فليٽ جي پريس سروس ٻڌايو ته چين جي پيپلز لبريشن آرمي جا ٻه جنگي سامونڊي جهاز، هڪ آبدوز ۽ ٻه ريسڪيو معاون جهاز روس جي سامونڊي شهر ولادي ووستڪ ۾ مشق ۾ حصو وٺڻ لاءِ پهچي چڪا آهن. اهي مشقون روس جي وائيس ايڊمرل ڊينس بريزووسڪي ۽ چين جي وائيس ايڊمرل ليوزيزهو جي قيادت ۾ ٿينديون. روس جي وائيس ايڊمرل ڊينس بريزووسڪي مشقن ۾ حصو وٺڻ واري عملي کي خطاب ۾ چيو ته اهي مشقون دفاعي ۽ امن قائم رکڻ جي مقصد تحت ڪيون پيون وڃن.