هراري -29 جولاءِ (اي پي پي) زمبابوي ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جو پهريون ميچ 30 جُولاءِ اربع کان 3 آگسٽ تائين ڪوئنز اسپورٽس ڪلب، بلاوائيو ۾ کيڏيو ويندو. نيوزيلينڊ جي ٽيم زمبابوي جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي، نيوزيلينڊ جي ٽيم کي بهترين بيٽسمين ٽام ليٿم ليڊ ڪندو جڏهن ته ميزبان زمبابوي جي ٽيم کي ڪريگ ايرون ليڊ ڪندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 7 کان 11 آگسٽ تائين ڪوئنز اسپورٽس ڪلب، بلاوائيو ۾ کيڏيو ويندو.